اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، ممتاز عالم دين شيخ الحديث مولانا محمد ادريس تي حملي جي مذمت ڪئي آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته مولانا محمد ادريس جون ديني ۽ عملي خدمتن ناقابل فراموش آهن ۽ سندس شهادت سان ملڪ هڪ جيد عالم دين مان محروم ٿي ويو آهي. هن چيو ته اهڙو بزدلاڻو حملو معاشري جي امن ۽ …
سينيٽ چيئرمين پاران شيخ الحديث مولانا محمد ادريس تي حملي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، ممتاز عالم دين شيخ الحديث مولانا محمد ادريس تي حملي جي مذمت ڪئي آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته مولانا محمد ادريس جون ديني ۽ عملي خدمتن ناقابل فراموش آهن ۽ سندس شهادت سان ملڪ هڪ جيد عالم دين مان محروم ٿي ويو آهي. هن چيو ته اهڙو بزدلاڻو حملو معاشري جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي ناپاڪ ڪوشش آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت برداشت نٿو ڪري سگهجي. سينيٽ چيئرمين، مرحوم مولانا محمد ادريس جي گهرڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي شهيد جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوارن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. سينيٽ چيئرمين، واقعي ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪارن لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪندي انهن جي جلد صحتيابي جي به دعا ڪئي.











