مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سان فلسطين جي قاضي القضا ڊاڪٽر محمود الهباش ۽ مفتي اعظم الشيخ محمد احمد حسين جي ملاقات

اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان پاڪستان جي دوري تي آيل فلسطين جي قاضي القضا ڊاڪٽر محمود الهباش ۽ مفتي اعظم الشيخ محمد احمد حسين ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر حافظ طاهر محمود اشرفي، ايڊيشنل سيڪريٽري ساجد محمود چوهان، فلسطين جو سفير ڊاڪٽر …

اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان پاڪستان جي دوري تي آيل فلسطين جي قاضي القضا ڊاڪٽر محمود الهباش ۽ مفتي اعظم الشيخ محمد احمد حسين ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر حافظ طاهر محمود اشرفي، ايڊيشنل سيڪريٽري ساجد محمود چوهان، فلسطين جو سفير ڊاڪٽر زهير محمد به موجود هئا. وفاقي وزير چيو ته فلسطيني وفد جي مذهبي معاملن واري وزارت ۾ آمد کي برڪت سمجهون ٿا، پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن اسرائيل کي تسليم ناهي ڪيو، پاڪستان جي پاسپورٽ تي داخل آهي ته هي اسرائيل جي سفر لاءِ استعمال جوڳو ناهي. هن چيو ته اسان جي وزيراعظم، فيلڊ مارشل ۽ پرڏيهي وزير ممڪن ڪوشش ڪئي ته غزه تي جاري ڏاڍ کي روڪي سگهون، حڪومت يو اين او جي فورم تي لاڳاپيل ٺهراءَ تي عمل جو مطالبو ڪيو آهي، غزه تي اسرائيلي ڏاڍ سان اسان جي دل ڏُکي رهي آهي ۽ هر پاڪستاني ايئن محسوس ڪري ٿو. اسان جي خواهش آهي ته القدس فلسطين جو گادي وارو هنڌ هجي ۽ اسان پنهنجي ڀائرن سان مسجد اقصيٰ ۾ نماز ادا ڪيون. گذريل سيرت ڪانفرنس جي موقعي تي فلسطيني قاضي القضا به شرڪت ڪئي هئي. هن حافظ طاهر محمود اشرفي کي ڇهين عالمي پيغام اسلام ڪانفرنس جي بندوبست جون مبارڪون ڏنيون. فلسطين جي قاضي القضا چيو ته سيپٽمبر ۾ پاڪستان جي دوري جي وقت بي پناهه محبت ملي، هاڻي ٻيهر اچڻ اسان جي مضبوط لاڳاپن جو ثبوت آهي. فلسطيني صدر ڪجهه هفتن کان پوءِ پاڪسان اچي رهيو آهي، جنهن سان لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. اسرائيل هڪ هزار سال ۾ پهريون ڀيرو مسلمانن ۽ مسيحن جي مقدس ماڳن کي بند ڪيو. مفتي اعظم الشيخ محمد احمد حسين چيو ته آمريڪا اسرائيل جي سرپرستي ڪري رهيو آهي، جيڪو مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته اسان اوهان جي قيادت ۾ پاڪستاني عوام کي مسجد اقصيٰ ۾ شڪراني جا نفل پڙهندي جلد ڏسنداسين.

مزید خبریں