ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پاران مولانا محمد ادريس جي شهادت تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، چارسده ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي اڳوڻي ايم پي اي ۽ عالم دين مولانا محمد ادريس تي ٿيل افسوسناڪ حملي ۽ سندس شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن، مرحوم جي گهر ڀاتين سان دلي تعزيت ڪئي ۽ چيو ته اهو هڪ ناقابل تلافي نقصان …

اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، چارسده ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي اڳوڻي ايم پي اي ۽ عالم دين مولانا محمد ادريس تي ٿيل افسوسناڪ حملي ۽ سندس شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن، مرحوم جي گهر ڀاتين سان دلي تعزيت ڪئي ۽ چيو ته اهو هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي جنهن، قوم کي غمزده ڪري ڇڏيو آهي. الله تعاليٰ شهيد جي درجن جي بلندي فرمائي ۽ پوئينرن کي صبر عطا ڪري.

مزید خبریں