اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) عالمي مارڪيٽن ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ اڱاري ڏينهن گهٽتائي جو رجحان رهيو. آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ تحت ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 1.61 سيڪڙو جي گهٽتائي کانپوءِ 104.71 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا، برينٽ ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 0.56 سيڪڙو جي گهٽتائي سان 113.80 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. دبئي ۾ ڪچي تيل جي مستقبل جا …
عالمي منڊين ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان

مزید خبریں
اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) عالمي مارڪيٽن ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ اڱاري ڏينهن گهٽتائي جو رجحان رهيو. آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ تحت ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 1.61 سيڪڙو جي گهٽتائي کانپوءِ 104.71 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا، برينٽ ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 0.56 سيڪڙو جي گهٽتائي سان 113.80 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. دبئي ۾ ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 105.70 ڊالر تي برقرار رهيا. عرب لائيٽ ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 10.25 سيڪڙو جي گهٽتائي کانپوءِ 121.04 ڊالر ۽ ڪويت ايڪسپورٽ بلينڊ تحت مستقبل جا سودا 112.32 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. سون ۽ چانڊي جي قيمت ۾ اضافي جو رجحان رهيو.











