اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 2 هزار 100 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 77 هزار 862 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 1801 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 4 لک 11 هزار 490 رپين مان گهٽجي 4 لک 9 هزار 689 رپيا ٿي وئي ۽ 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 77 هزار 212 رپين مان گهٽجي 3 لک 75 هزار 561 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن ٻُڌايو ته في تولو چانڊيءَ جي قيمت 65 رپين جي گهٽتائي …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 2100 رپين جي گهٽتائي

مزید خبریں
اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 2 هزار 100 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 77 هزار 862 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 1801 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 4 لک 11 هزار 490 رپين مان گهٽجي 4 لک 9 هزار 689 رپيا ٿي وئي ۽ 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 77 هزار 212 رپين مان گهٽجي 3 لک 75 هزار 561 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن ٻُڌايو ته في تولو چانڊيءَ جي قيمت 65 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 7849 رپيا جڏهن ته 10 گرام چانديءَ جي قيمت 55 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 6729 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4576 ڊالرز مان گهٽجي 4555 ڊالرز ٿي وئي آهي.











