اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينھن مسلسل ٻئي ڏينهن به تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 793.53 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 164742.47 پوائنٽس تي بند ٿيو. مجموعي طور تي 560 ڪمپينن جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 222 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 209 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 129 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو، ڪاروباري سرگرمين دوران 453.21 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي جنهن جي ماليت 22.78 ارب رپيا هئي. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 94.72 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 49491.49 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن به تيزي جو رجحان

مزید خبریں
اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينھن مسلسل ٻئي ڏينهن به تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 793.53 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 164742.47 پوائنٽس تي بند ٿيو. مجموعي طور تي 560 ڪمپينن جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 222 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 209 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 129 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو، ڪاروباري سرگرمين دوران 453.21 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي جنهن جي ماليت 22.78 ارب رپيا هئي. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 94.72 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 49491.49 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 1183.40 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 236551.08 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 7.33 ارب رپين جا سودا طئي ٿيا. مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن جو ڳاڻيٽو 0.3 سيڪڙو جي اضافي کانپوءِ 65.2 ارب ڊالر ٿي ويو. بئنڪ آف پنجاب جي 45253274 شيئرز، سوئي سدرن جي 30889210 شيئرز ۽ ورلڊ ڪال ٽيلي ڪام جي 30173871 شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. فرسٽ فيديليٽي ليزنگ مضاربه، ميرٽ پيڪجنگ لميٽيڊ ۽ ديوان فاروق سپننگ ملز سرفهرسٽ ايڊوانسر ڪمپنيون رهيون.











