ملڪي روانگي واپار ۾ جاري مالي سال دوران گهٽتائي، آمدني واپار ۽ واپاري خساري ۾ اضافو رڪارڊ

اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) ملڪي روانگي واپار ۾ جاري مالي سال دوران ساليانو بنيادن تي گهٽتائي ٿي، جڏهن ته آمدني واپار ۽ واپاري خساري ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. قومي شماريات اداري طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق جاري مالي سال جي شروعاتي 10 مهينن ۾ ملڪي روانگي واپار جو مجموعي ڳاڻيٽو 25.21 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي ۾ …

اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) ملڪي روانگي واپار ۾ جاري مالي سال دوران ساليانو بنيادن تي گهٽتائي ٿي، جڏهن ته آمدني واپار ۽ واپاري خساري ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. قومي شماريات اداري طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق جاري مالي سال جي شروعاتي 10 مهينن ۾ ملڪي روانگي واپار جو مجموعي ڳاڻيٽو 25.21 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي ۾ 26.89 ارب ڊالر جي ڀيٽ ۾ 6 سيڪڙو گهٽ آهي، اپريل ۾ پاڪستان جو روانگي واپاري بل 2.479 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو مارچ جي 2.264 ارب ڊالر جي ڀيٽ ۾ 9 سيڪڙو وڌيڪ ۽ گذريل سال اپريل جي 2.174 ارب ڊالر جي ڀيٽ ۾ 14 سيڪڙو وڌيڪ آهي. انگن اکرن مطابق مالي سال جي شروعاتي 10 مهينن ۾ پاڪستان جي مجموعي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 57.19 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي 53.48 ارب ڊالر جي ڀيٽ ۾ 7 سيڪڙو وڌيڪ آهي، اپريل ۾ پاڪستان جو آمدني واپاري بل 6.553 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو مارچ جي 5.103 ارب ڊالر جي ڀيٽ ۾ 28 سيڪڙو وڌيڪ آهي ۽ گذريل سال اپريل جي 6.098 ارب ڊالر جي ڀيٽ ۾ 7 سيڪڙو وڌيڪ آهي. انگن اکرن مطابق مالي سال جي شروعاتي 10 مهينن ۾ پاڪستان جي مجموعي واپاري خساره 31.98 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي 26.59 ارب ڊالر جي ڀيٽ ۾ 20 سيڪڙو وڌيڪ آهي. اپريل ۾ ملڪ جو واپاري خساره جو ڳاڻيٽو 4.074 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو مارچ جي 2.839 ارب ڊالر جي ڀيٽ ۾ 44 سيڪڙو ۽ گذريل سال اپريل جي 3.924 ارب ڊالر جي ڀيٽ ۾ 4 سيڪڙو وڌيڪ آهي.

مزید خبریں