اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رجسٽرڊ فارما ڪمپينن جي نج منافعي ۾ جاري ڪيلنڊر سال جي شروعاتي ٽه ماهي ۾ سالياني بنيادن تي 17 سيڪڙو جي اوسر رڪارڊ ٿي آهي. فارما ڪمپينن طرفان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ جمع ڪرايل مالياتي انگن اکرن مطابق ڪيلنڊر سال جي شروعاتي ٽه ماهي ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رجسٽرڊ فارما ڪمپينن کي مجموعي طور تي 10.19 ارب رپين جو …
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رجسٽرڊ فارما ڪمپينن جي نج منافعي ۾ 17 سيڪڙو جو اضافو

مزید خبریں
اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رجسٽرڊ فارما ڪمپينن جي نج منافعي ۾ جاري ڪيلنڊر سال جي شروعاتي ٽه ماهي ۾ سالياني بنيادن تي 17 سيڪڙو جي اوسر رڪارڊ ٿي آهي. فارما ڪمپينن طرفان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ جمع ڪرايل مالياتي انگن اکرن مطابق ڪيلنڊر سال جي شروعاتي ٽه ماهي ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رجسٽرڊ فارما ڪمپينن کي مجموعي طور تي 10.19 ارب رپين جو ٽيڪس کانپوءِ منافعو حاصل ٿيو، جيڪو گذريل سال جي شروعاتي ٽه ماهي جي ڀيٽ ۾ 17 سيڪڙو وڌيڪ آهي، شروعاتي ٽه ماهي ۾ انهن ڪمپينن جي مجموعي وڪري جو ڳاڻيٽو 90.65 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ فارما ڪمپينن جي مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن جو مجموعي ڳاڻيٽو 539.068 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو آهي.











