ڪراچي- 05 مئي (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمن چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ تڪرار سبب عالمي سطح تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ غير معمولي واڌ ٿي آهي، جنهن جا اثر پاڪستان سميت سنڌ جي عوام تي به پيا آهن. هن صورتحال ۾ سنڌ حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪيترائي اهم قدم …
سنڌ حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪيترائي اهم قدم کنيا آهن: شرجيل انعام ميمڻ

مزید خبریں
ڪراچي- 05 مئي (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمن چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ تڪرار سبب عالمي سطح تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ غير معمولي واڌ ٿي آهي، جنهن جا اثر پاڪستان سميت سنڌ جي عوام تي به پيا آهن. هن صورتحال ۾ سنڌ حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪيترائي اهم قدم کنيا آهن. سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 65 لک موٽر سائيڪلون ايڪسائيز ڊپارٽمينٽ ۾ رجسٽرڊ آهن ۽ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته جيڪي ماڻهو پنهنجون موٽر سائيڪلون پنهنجي نالي تي رجسٽرڊ ڪرائيندا انهن کي فيول سبسڊي ڏني ويندي. هن اسڪيم تحت موٽر سائيڪل مالڪن کي ٻه هزار رپيا سبسڊي ڏني ويندي ته جيئن مهانگي پيٽرول جي اثرن کي گهٽائي سگهجي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ گڊز ٽرانسپورٽ جي شعبي کي به سبسڊي ڏني آهي ته جيئن ٽرانسپورٽ خرچن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ۽ عوام تي اضافي بار نه پوي. شرجيل انعام ميمن وڌيڪ چيو ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل تازي ڪابينا اجلاس ۾ ماھيگيرن لاءِ هڪ اهم رليف پيڪيج جي به منظوري ڏني وئي آهي. ڊيزل جي وڌندڙ قيمتن سبب ماھيگيرن جو ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو هو، تنهن ڪري ٻيڙين جي سائيز مطابق ماھيگيرن کي هڪ لک رپين تائين مالي مدد ڏني ويندي ته جيئن انهن جو روزگار متاثر نه ٿئي. هن چيو ته بائڪيا رائيڊرز تي لاڳو 5 سيڪڙو ايس آر پي ٽيڪس کي گهٽائي 2 سيڪڙو ڪيو ويو آهي ته جيئن هن شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي به مالي رليف ملي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت هميشه سماج جي هر طبقي کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي، ڀلي اهي زراعت سان لاڳاپيل ماڻهو هجن، ڪاروباري طبقو هجي يا ماھيگير. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته عوامي ڀلائي لاءِ اهڙا قدم جاري رکيا ويندا، جن مان سڌي طرح عام ماڻهو کي فائدو پهچي.











