گوادر بندرگاهه تي مئي ۾ پهريون جهاز لنگرانداز، واپاري سرگرمين ۾ تيزي

اسلام آباد _ 5 مئي (اي پي پي)گوادر بندر گاهه وٽ مئي مهيني جو پهريون ڪارگو جهاز لنگر انداز ٿي ويو، جنهن سان بندرگاهه تي واپاري سرگرمين جو تسلسل برقرار آهي. سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير انوار چوڌري ٻڌايو ته ايم وي شولانگ نالي جهاز ۾ 16 هزار 77 ميٽرڪ ٽن ڪارگو موجود آهي. خطي جي صورتحال سبب جهاز جو رخ گوادر طرف موڙيو ويو، جنهن سان بندرگاهه جي اهميت …

اسلام آباد _ 5 مئي (اي پي پي)گوادر بندر گاهه وٽ مئي مهيني جو پهريون ڪارگو جهاز لنگر انداز ٿي ويو، جنهن سان بندرگاهه تي واپاري سرگرمين جو تسلسل برقرار آهي. سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير انوار چوڌري ٻڌايو ته ايم وي شولانگ نالي جهاز ۾ 16 هزار 77 ميٽرڪ ٽن ڪارگو موجود آهي. خطي جي صورتحال سبب جهاز جو رخ گوادر طرف موڙيو ويو، جنهن سان بندرگاهه جي اهميت وڌي اجاگر ٿي وئي آهي. جهاز جي برٿنگ ۽ ڪارگو هيڊلنگ جو عمل تيزي سان جاري آهي. وفاقي وزير چيو ته گوادر بندرگاهه متبادل واپاري روٽس ۾ هڪ اهم مقام حاصل ڪري رهيو آهي جڏهن ته اپريل دوران هتي 4 ڪارگو جهازن جي آمد رڪارد ٿي . هن وڌيڪ چيو ته علائقائي سامونڊي صورتحال کي نظر ۾ رکندي گوادر اسٽريٽجڪ اهميت ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اهو بندرگاهه عالمي واپار لاءِ هڪ قابل اعتماد مرڪز بڻجي رهيو آهي.

مزید خبریں