ٿرپارڪر ۾ پاڪ فوج جي حق ۾ ريلي ڪڍي وئي، پاڪ فوج زنده باد، پاڪستان زنده باد جا نعرا

ٿرپارڪر -05 مئي (اي پي پي) ڊيفينڊر آف پاڪستان آرگنائيزيشن ۽ واپاري ايسوسيئيشن ٿرپارڪر جي انتظام هيٺ پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ شاندار ريلي ڪڍي وئي. ريلي صادق فقير چوڪ کان شروع ٿي ڪشمير چوڪ تي پڄاڻي تي پهتي. ريلي ۾ آل واپاري ايسوسيئيشن، شهرين، نوجوانن ۽ آرگنائيزيشن جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾  شرڪت ڪئي ۽ پاڪ فوج سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڊيفينڊر آف …

ٿرپارڪر -05 مئي (اي پي پي) ڊيفينڊر آف پاڪستان آرگنائيزيشن ۽ واپاري ايسوسيئيشن ٿرپارڪر جي انتظام هيٺ پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ شاندار ريلي ڪڍي وئي. ريلي صادق فقير چوڪ کان شروع ٿي ڪشمير چوڪ تي پڄاڻي تي پهتي. ريلي ۾ آل واپاري ايسوسيئيشن، شهرين، نوجوانن ۽ آرگنائيزيشن جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾  شرڪت ڪئي ۽ پاڪ فوج سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڊيفينڊر آف پاڪستان جي ضلعي چيئرمين حاجي عبدالله ۽ ٻين تقريرون ڪندي چيو ته پاڪ فوج ملڪ جي سلامتي ۽ بقا جي ضامن آهي، جنهن هر ڏکئي وقت ۾ قوم جو ساٿ ڏنو آهي. هنن چيو ته دشمن قوتون ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جون سازشون ڪري رهيون آهن. پر پاڪستان جو عوام ۽ فوج گڏجي انهن سازشن کي ناڪام بڻائيندا.  تقريرون ڪندڙن چيو  ته اسان پاڪ فوج سان گڏ آهيون ۽ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن پاڪستان زنده باد ۽ پاڪ فوج زنده باد جي نعرا به لڳايا.

مزید خبریں