جرمني مان آمريڪي فوجين جي واپسي، يورپ کي پنهنجي سيڪيورٽي جو خيال پاڻ رکڻ گهرجي: يورپي اڳواڻ

برلن _5 مئي (اي پي پي)يورپي اڳواڻ چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جرمني مان هزارين آمريڪي فوجين کي اوچتو واپس گهرائڻ جو فيصلو غير متوقع آهي ۽ اها ان ڳالهه جي علامت به آهي ته هاڻي يورپ کي پنهنجي سلامتي جو پاڻ خيال رکڻو پوندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق پينٽاگون گذريل هفتي اعلان ڪيو هو ته هو پنج هزار فوجي جرمني مان واپس گهرائيندو پر صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڇنڇر …

برلن _5 مئي (اي پي پي)يورپي اڳواڻ چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جرمني مان هزارين آمريڪي فوجين کي اوچتو واپس گهرائڻ جو فيصلو غير متوقع آهي ۽ اها ان ڳالهه جي علامت به آهي ته هاڻي يورپ کي پنهنجي سلامتي جو پاڻ خيال رکڻو پوندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق پينٽاگون گذريل هفتي اعلان ڪيو هو ته هو پنج هزار فوجي جرمني مان واپس گهرائيندو پر صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڇنڇر ڏينهن تي چيو هو ته اسان نمايان گهٽتائي ڪري رهيا آهيون ۽ پنج هزار کان وڌيڪ فوجي ڪڍيا ويندا. آمريڪي صدر  طرفان ان قدم جو ڪو سبب ناهي ٻڌايو ويو جنهن تي نيٽو ملڪن حيرت جو اظهار ڪيو آهي. اهو فيصلو اهڙي وقت تي سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ جرمن چانسلر وچ ۾ ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ تي اختلاف وڌي رهيا هئا جڏهن ڊونلڊ ٽرمپ ان ڳالهه تي ڪاوڙجي پيو هو ۽ يورپي اتحادي وچ اوڀر جي ان تڪرار ۾ شامل ٿيڻ کان گهٻرائي رهيو هو. جرمني مان فوجين جي واپسي جي فيصلي بابت ناروي جي وزيراعظم جو چوڻ آهي ته مان رڳو ڳالهيون نه ڪندس ڇو ته منهنجو خيال آهي ته يورپ پنهنجي اڪثر سيڪيورٽي هاڻي پاڻ سنڀاليندو. هن آرمينيا جي گادي واري شهر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مان انگن اکرن کي ڊرامائي نٿو سمجهان پر منهنجو خيال آهي ته ان معاملي کي نيٽو جي فريم ورڪ اندر رهندي هم آهنگي طور اڪلايو ويندو. يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي چيف ڪاياڪالاس جو چوڻ آهي ته گهڻي عرصي کان يورپ مان آمريڪي  فوجين جي واپسي جي ڳالهه ٿي رهي هئي پر سندس اعلان يقينن حيران جوڳو آهي. منهنجي خيال ۾ ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان کي واقعي هاڻي پاڻ کي مضبوط بڻائڻو پوندو.

مزید خبریں