ڏکڻ پيسفڪ سمنڊ ۾ سفر ڪندڙ هڪ ڪروز جهاز  ۾ هانٽا وائرس سبب ٻه ماڻهون متاثر، 150 کان وڌيڪ مسافر ڦاٿل

ايمسٽرڊيم-  5 مئي (اي پي پي) ڏکڻ پيسفڪ سمنڊ ۾ سفر ڪندڙ هڪ ڪروز جهاز  تي هانٽا وائرس جي وبا ۾ ٽن ماڻهن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ ٻن مسافرن ۾ وائرس جون علامتون ظاهر ٿيون آهن. جڏهن ته  150 مسافر اڃا تائين جهاز ۾  ڦاٿل آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب، طبي ماهر اولهه آفريڪا ويجهو جهاز مان متاثر ماڻهن کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اهو پڻ ٻڌايو ويو …

ايمسٽرڊيم-  5 مئي (اي پي پي) ڏکڻ پيسفڪ سمنڊ ۾ سفر ڪندڙ هڪ ڪروز جهاز  تي هانٽا وائرس جي وبا ۾ ٽن ماڻهن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ ٻن مسافرن ۾ وائرس جون علامتون ظاهر ٿيون آهن. جڏهن ته  150 مسافر اڃا تائين جهاز ۾  ڦاٿل آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب، طبي ماهر اولهه آفريڪا ويجهو جهاز مان متاثر ماڻهن کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته جهاز ۾ اڪثر سوار مسافر برطانوي، آمريڪي ۽ اسپين جا شهري آهن.نيڌر لينڊز جو  نيشنل انسٽيٽيوٽ فار پبلڪ هيلٿ اينڊ دي انوائرنمينٽ آف نيڌرلينڊز، جيڪو وبا کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪري رهيو آهي، چيو آهي ته علامتون ڏيکاريندڙ ٻن ماڻهن مان هڪ ۾ هانٽا وائرس هجڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ساڳئي جهاز ۾ سوار  فوت ٿيندڙ ڊچ عورت جو به ٽيسٽ پازيٽو آيو هيو . طبي ادارن جو چوڻ آهي ته اهو واضح ناهي ته ڇا ٻيا ٻه ماڻهو جيڪي فوت ٿيا اهي به ساڳئي طريقي سان فوت ٿيا يا نه. هانٽا وائرس ساهه جي تڪليف جو سبب بڻجندو آهي ۽ موتمار ٿي سگهي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته هانٽا وائرس ڪوئن سان لاڳاپيل آهي ۽ اتي پکڙجي ٿو جتي ڪوئا رهن ٿا ۽ انهن جي گندگي جا ذرا خشڪ ٿيڻ تي هوا ۾ شامل ٿي وڃن ته ۽ ساهه کڻڻ سان جسم جي اندر وڃي سگهن ٿا. ماهر اهو به چون ٿا ته اهو وائرس انسانن وچ ۾ آساني سان نٿو پکڙجي پر وائرس هوا ۾ هليو وڃڻ سان ساهه کڻڻ ذريعي جسم ۾ داخل ٿي سگهي ٿو. ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته وائرس جي منتقلي کان پوءِ علاج لاءِ ڪيا خاص دوائون موجود نه آهن، تنهن ڪري انهن شين تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو جيڪي بيماري کي وڌڻ کان روڪي سگهن  جن ۾ مريضن کي وينٽيليٽر تي منتقل ڪرڻ شامل آهي. صحت جي عالمي تنظيم جو چوڻ آهي ته هن وائرس مان خطرا گهٽ آهن ۽ گھٻرائڻ يا سفري پابنديون لاڳو ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي. لاڳاپيل اختيارين جو چوڻ آهي ته احتياط طور ڊچ جهاز کي ڊاڪ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي آهي. صحت جي عالمي تنظيم اهو به ٻڌايو آهي ته جهاز ۾ موجود مسافرن مان ستن ۾ هنٽا وائرس جي تصديق ٿي آهي. انهن مان ٻن جي ليبارٽري طرفان تصديق ٿي چڪي آهي جڏهن ته پنجن جي حالت اڃا تائين واضح ناهي. ڊچ اختيارين جو چوڻ آهي ته اهو جهاز  ٽي هفتا اڳ ارجنٽائن مان نڪتو هو  جنهن ۾ 150 مسافر سوار هئا هيستائين ٽي مسافر فوت ٿي چڪا آهن.

مزید خبریں