اسلام آباد -05 مئي (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان قرار ڏنو آهي، ته هاءِ ڪورٽن جا رٽ ڪيس هاڻي وفاقي آئيني عدالت ۾ ٻڌا ويندا جڏهن ته ٻيون اپيلون سپريم ڪورٽ جي دائره اختيار ۾ رهنديون ۽ گڏيل نوعيت جي ڪيسن کي الڳ الڳ فورمز تي موڪلڻ ضروري هوندو. چيف جسٽس يحييٰ آفريدي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ پشاور هاءِ ڪورٽ جي 17 فيبروري 2020ع جي گڏيل …
سپريم ڪورٽ 27هين آئيني ترميم کان پوءِ دائره اختيار جي نئين حدبندي واضح ڪري ڇڏي

مزید خبریں
اسلام آباد -05 مئي (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان قرار ڏنو آهي، ته هاءِ ڪورٽن جا رٽ ڪيس هاڻي وفاقي آئيني عدالت ۾ ٻڌا ويندا جڏهن ته ٻيون اپيلون سپريم ڪورٽ جي دائره اختيار ۾ رهنديون ۽ گڏيل نوعيت جي ڪيسن کي الڳ الڳ فورمز تي موڪلڻ ضروري هوندو. چيف جسٽس يحييٰ آفريدي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ پشاور هاءِ ڪورٽ جي 17 فيبروري 2020ع جي گڏيل فيصلي خلاف دائرو ڪيترين ئي درخواستن تي پهرين اپريل 2026ع تي محفوظ فيصلو جاري ڪيو. رپورٽنگ لاءِ منظور ٿيل 13 صفحن تي ٻڌل لکت واري تفصيلي فيصلي موجب عدالت سامهون 3 سول پٽيشنز، هڪ سول گڏيل درخواست ۽ ٻه فوجداري نوعيت جي توهين عدالت جون درخواستون ٻڌڻي هيٺ هيون، جن ۾ بنيادي سوال 27هين آئيني ترميم کان پوءِ دائره اختيار جي تعين جو هو. فيصلي ۾ عدالت قرار ڏنو ته آئين جي آرٽيڪل 175 (ايف) تحت هاءِ ڪورٽ کي انهن ڪيسن جو آئيني دائره اختيار (آرٽيڪل 199) تحت ايندو آهي، هاڻي وفاقي آئيني عدالت کي منتقل ٿيندا، جڏهن ته ٻيون سول يا فوجداري اپيلون آئين جي آرٽيڪل 185 تحت سپريم ڪورٽ ۾ ئي ٻڌيون وينديون. سپريم ڪورٽ واضح ڪيو ته ماضي ۾ هڪجهڙي قانوني نقطن جي بنياد تي مختلف نوعيت جي ڪيسن کي گڏ ٻڌو ويندو هو، جڏهن ته نئين آئيني ترميم کان پوءِ اهڙن ڪيسن کي الڳ ڪرڻ اڻٽر آهي. ته هر ڪيس پنهنجي لاڳاپيل فورم تي ٻڌي سگهجي. عدالت ان ڳالهه جو به نوٽيس ورتو ته هڪ ئي قانوني سوال مختلف عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ اچڻ سان متضاد فيصلن جو خدشو پيدا ٿي سگهي ٿو. ان کي نظر ۾ رکندي عدالت جوڊيشل ڪميٽي جي اصول کي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ مناسب صورت ۾ پنهنجي ڪارروائي رد ڪري سگهي ٿي ته جيئن اڳ ۾ لاڳاپيل قانوني سوال تي وفاقي آئيني عدالت فيصلو ڏئي سگهي. فيصلي ۾ وڌيڪ قرار ڏنو ويو ته سپريم ڪورٽ ۽ وفاقي آئيني عدالت ٻئي آئيني طور خودمختيار عدالتون آهن ۽ ڪا به هڪ عدالت ٻي جي اپيليٽ اٿارٽي ناهي. جڏهن ته آئين جي آرٽيڪل 189 تحت وفاقي آئيني عدالت جي طي ڪيل قانوني اصول ٻين عدالتن تي لاڳو ٿيندا، توهين عدالت جي معاملي تي عدالت واضح ڪيو ته هر عدالت کي پنهنجي حڪمن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ مڪمل اختيار حاصل آهي. عدالت موجب توهين عدالت دراصل عدالت ۽ مبينه توهين ڪندڙن وچ ۾ معاملو هوندو آهي ۽ ان جو مقصد عدالتي وقار ۽ انصاف واري نظام جو تحفظ آهي. عدالت توهين عدالت جي قسم کي بيان ڪندي چيو ته ان ۾ سول توهين (عدالتي حڪم عدولي) ، فوجداري توهين (انصاف جي نظام ۾ رڪاوٽ) ۽ عدالتي توهين (عدالت يا جج تي طنز ڪرڻ) شامل آهن. اهي ڪيس پشاور هاءِ ڪورٽ جي هڪ گڏيل فيصلي بابت هئا، جن ۾ سول ريويزن ۽ آئيني درخواستن کي گڏ ڪري فيصلو ڏنو ويو هو. بعد ۾ سپريم ڪورٽ ۾ دائر اپيلن دوران اسٽيٽسڪو جي مبينه ڀڃڪڙي تي توهين عدالت جون درخواستون به سامهون آيون.











