اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چارسده ۾ مولانا محمد ادريس ترنگزئي تي حملي ۾ سندس شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب، صدر پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو ته اهڙن بزدلاڻن ۽ دهشتگرد قدمن سان قوم جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهجن ۽ مُلڪ مان دهشتگردي کي مڪمل خاتمي لاءِ قومي عزم مضبوط …
صدر پاران مولانا محمد ادريس ترنگزئي جي شهادت تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 05 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چارسده ۾ مولانا محمد ادريس ترنگزئي تي حملي ۾ سندس شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب، صدر پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو ته اهڙن بزدلاڻن ۽ دهشتگرد قدمن سان قوم جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهجن ۽ مُلڪ مان دهشتگردي کي مڪمل خاتمي لاءِ قومي عزم مضبوط ۽ اٽل آهي. صدر چيو ته دهشتگرد عنصرن جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروايُون جاري رهنديُون ۽ ملڪ کي امن جو گہوارو بڻايو ويندو. صدر آصف علي زرداري شهيد جي خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ الله تعاليٰ کان سندس بلند درجن ۽ سوگوار خاندانن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دُعا ڪئي. هن واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.











