وزيراعظم پاران گڏيل عرب امارات ۾ ميزائل ۽ ڊرون حملن جي مذمت، جنگبندي جي احترام تي زور

اسلام آباد- 5 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات ۾ ميزائل ۽ ڊرون حملن جي سخت مذمت ڪندي جنگبندي جي احترام تي زور ڏنو آهي. اڱاري ڏينهن "ايڪس" تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان گذريل رات گڏيل عرب امارات ۾ شهري انفراسٽرڪچر تي ٿيندڙ ميزائل ۽ ڊرون حملن جي سخت مذمت ڪري ٿو. هُن گڏيل عرب امارات جي صدر محمد …

اسلام آباد- 5 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات ۾ ميزائل ۽ ڊرون حملن جي سخت مذمت ڪندي جنگبندي جي احترام تي زور ڏنو آهي. اڱاري ڏينهن "ايڪس” تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان گذريل رات گڏيل عرب امارات ۾ شهري انفراسٽرڪچر تي ٿيندڙ ميزائل ۽ ڊرون حملن جي سخت مذمت ڪري ٿو. هُن گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زايد النهيان سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان هن ڏکئي وقت ۾ پنهنجي اماراتي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏوگڏ گڏيل عرب امارات جي حڪومت سان مضبوطي سان بيٺو آهي. هن چيو ته اهو انتهائي اهم آهي ته جنگبندي کي برقرار رکي وڃي ۽ ان جو احترام ڪيو وڃي ته جيئن ڳالهين لاءِ ضروري سفارتي جاءِ پيدا ٿي سگهي، جيڪا خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام طرف وٺي وڃي.

مزید خبریں