وزيراعظم پاران ترڪيه ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ طوفان جي ڪري قيمتي جاني ۽ مالي نقصان تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد- 5 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ طوفان جي ڪري قيمتي جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ترڪ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته ترڪيه جي صوبن غازي انتيپ، شانلي عرفه، اديامان ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ …

اسلام آباد- 5 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ طوفان جي ڪري قيمتي جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ترڪ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته ترڪيه جي صوبن غازي انتيپ، شانلي عرفه، اديامان ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تباهي مچائيندڙ ٻوڏ ۽ سخت موسمي حالتن جي ڪري قيمتي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، جنهن تي مون کي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ سبب ٿيندڙ فوتگين تي پاڪستان جي عوام، حڪومت ۽ پنهنجي طرفان ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڏک جي هن گھڙي ۾ پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو، اسان جون دلي همدرديون ۽ دعائون متاثر خاندانن سان آهن. هن چيو ته پاڪستان ترڪيه جي متاثر علائقن ۾ امدادي ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون جي لاءِ تيار آهي.

مزید خبریں