ڪراچي- 04 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان هر آزمائش ۾ ثابت قدم رهيو آهي، اسان ڀارت سان ڪڏهن به جنگ ناهي چاهي، هميشه امن کي ترجيح ڏني، پر مشڪل وقت ۾ ڪمزوري نه ڏيکاري ۽ ضرورت موجب دفاع ڪيو. هن چيو ته ملڪ کي درپيش چيلينجن قوم کي آزمائش ۾ وڌو، پر مشڪل حالتن باوجود پاڪستان مضبوطي سان بيٺو …
ڪراچي ۾ معرڪه حق جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان تقريب منعقد، امن صرف انصاف، وقار ۽ گڏيل احترام سان ئي ممڪن آهي: بلاول ڀٽو زرداري

مزید خبریں
ڪراچي- 04 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان هر آزمائش ۾ ثابت قدم رهيو آهي، اسان ڀارت سان ڪڏهن به جنگ ناهي چاهي، هميشه امن کي ترجيح ڏني، پر مشڪل وقت ۾ ڪمزوري نه ڏيکاري ۽ ضرورت موجب دفاع ڪيو. هن چيو ته ملڪ کي درپيش چيلينجن قوم کي آزمائش ۾ وڌو، پر مشڪل حالتن باوجود پاڪستان مضبوطي سان بيٺو رهيو ۽ قومي يڪجهتي بحران جو مقابلو ممڪن بڻايو. هن چيو ته پاڪستان غير يقيني کان استحڪام ڏانهن سفر شروع ڪيو ۽ 1947ع ۾ قائم ٿيل ملڪ آزمائشن مان نڪري وڌيڪ مضبوط ٿيو. هن چيو ته اها فتح صرف هٿيارن جي نه پر عزم ۽ حوصلي جي فتح هئي. اهڙو اظهار هن سنڌ جي اطلاعات کاتي پاران معرڪه حق ۾ پاڪستان جي تاريخي فتح کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾ منعقد هڪ باوقار تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان هر چيلينج آڏو متحد ٿي بيٺو، هٿياربند فوج بهادري، نظم ۽ وقار سان دفاع ڪيو، جڏهن ته سفارتڪارن دنيا آڏو مؤقف کي اثرائتي نموني پيش ڪيو. هن واضح ڪيو ته اسان ڪڏهن به هٿيار نه ڦٽا ڪيا نه ڪنداسين ۽ سرحدن کان ٻاهر ڪجهه عنصر تاريخ کي مسخ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جيڪي ڪُوڙ تي ٻڌل پروپيگنڊا ڪري حقيقتون لڪائڻ چاهين ٿا، پر تاريخ ڪُوڙ سان نه پر ثابت قدم قومن سان لکي ويندي آهي. هن چيو ته پاڪستان هر آزمائش ۾ ثابت قدم رهيو آهي، اسان ڪڏهن به جنگ نٿي چاهي پر هميشه امن کي ترجيح ڏني، پر مشڪل وقت ۾ ڪمزوري نه ڏيکاري ۽ ضرورت موجب دفاع ڪيو. هن چيو ته اها جدوجهد قومي ذميواري هئي ۽ موجوده وقت غرور نه پر غور ۽ فڪر جي تقاضا ڪري ٿو، اهو لمحو لاپرواهي نه پر ذميواري جو پيغام ڏئي ٿو. هن چيو ته امن صرف انصاف، وقار ۽ گڏيل احترام سان ئي ممڪن آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جا نوجوان هن ڪاميابي جا اصل وارث آهن ۽ اها فتح ڪنهن هڪ اداري يا فرد جي نه پر پوري قوم جي آهي. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته هو ثابت قدمي کي ترقي ۽ همت کي تخليق ۾ تبديل ڪن ۽ هن ڪاميابي کي هڪ مشن طور اختيار ڪن. هن چيو ته قوم کي انهن شهيدن کي نه وسارڻ گهرجي جن پنهنجون جانيون قربان ڪيون، شهيدن جا نالا هميشه قوم جي ضمير ۾ زنده رهندا ۽ اسان انهن جا مقروض آهيون. هن چيو ته هڪ بهتر پاڪستان جي تعمير اسان جي ذميواري آهي، هڪ سال اڳ دنيا پاڪستان کي شَڪ جي نگاهه سان ڏسي رهي هئي، پر اڄ دنيا ڄاڻي ٿي ته پاڪستان مضبوط ۽ ڪامياب آهي، اها قوم دٻاءَ آڏو جهُڪڻ واري ناهي ۽ خودمختياري تي ڪوبه سمجهوتو نه ٿيندو، پاڪستان بار بار اٿندڙ مضبوط قوم آهي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اڄ کان هڪ سال اڳ جڏهن ڀارت اسان جي ملڪ ڏانهن بُري نظر سان ڏٺو ته سڄي قوم، هٿياربند فوج، سياسي قيادت، ميڊيا، نوجوان ۽ هر پاڪستاني متحد ٿي بيٺو. هن چيو ته ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ ڀارت کي پنهنجي اصل حيثيت جو اندازو ٿي ويو. هن سفارتي برادري جي معزز ميمبرن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته انهن جي موجودگي اعزاز جو سبب آهي ۽ اها ڳالهه ظاهر ڪري ٿي ته دنيا علائقائي سلامتي بابت سنجيده آهي. هن چيو ته ڀارتي ميڊيا غلط پروپيگنڊا ڪئي، جڏهن ته پاڪستاني ميڊيا ذميوار ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي سامونڊي فوج مڪمل تياري سان موجود هئي ۽ ڪراچي پورٽ بابت دشمن جي پروپيگنڊا بي بنياد هئي. هن چيو ته ڀارت سان تڪرار 1947ع کان جاري آهي ۽ ملڪ جي دفاع کي مضبوط بڻائڻ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو ڪردار تاريخي اهميت رکي ٿو، جن ايٽمي ۽ ميزائل پروگرام جو بنياد وڌو. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ جو ڏينهن خوشي جو ڏينهن آهي، دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو ۽ اسان جي فوج ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ڏني. هن چيو ته نئين نسل پهريون ڀيرو پنهنجي هٿياربند فوج جي صلاحيت ۽ بهادري ڏٺي. هن چيو ته قائدِ عوام ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻائي دفاع کي مضبوط ڪيو، جڏهن ته بينظير ڀٽو ميزائل ٽيڪنالاجي ذريعي ان کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو. هن چيو ته آصف علي زرداري قيادت ۽ ڪمانڊ جو ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزير طور عالمي سطح تي پاڪستان جو مؤقف اثرائتي نموني پيش ڪيو ۽ ڪشمير جو مسئلو اجاگر ڪيو. هن چيو ته ڀارتي ميڊيا غلط رپورٽنگ ڪندي لاهور ۽ ڪراچي جي تباهي جو تاثر ڏنو، جڏهن ته حقيقت ۾ پاڪستاني شاهينن دشمن کي شڪست ڏني ۽ پاڪستاني ميڊيا ذميوار ڪردار ادا ڪيو. تقريب ۾ پيپلز پارٽي اڳواڻن شيري رحمان، قائم علي شاهه، نثار کهڙو سميت ڪاروباري برادري جي نمايان شخصيتن عارف حبيب، عقيل ڪريم ڍيڍي، زبير موتي والا ۽ جاويد بلواڻي سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ قومي يڪجهتي جي اظهار کي ساراهيو. تقريب جي ميزباني سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪئي، جنهن ۾ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري، پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي صدر فريال ٽالپر، وقتي گورنر اويس قادر شاهه، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل محمد اويس دستگير، ڊي جي رينجرز سنڌ محمد شمريز تنولي ۽ ٻين معزز شخصيتن شرڪت ڪئي.











