اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي نئين چونڊيل عهديدارن کي دلي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين، سي پي اين اي جي نئين چونڊيل صدر ڪاظم خان، سيڪرٽري جنرل غلام نبي چانڊيو، سينئر نائب صدر اياز خان، نائب صدر شڪيل احمد ترابي ۽ انور ساجدي، سيڪريٽري اطلاعات منزه …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران سي پي اين اي جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي نئين چونڊيل عهديدارن کي دلي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين، سي پي اين اي جي نئين چونڊيل صدر ڪاظم خان، سيڪرٽري جنرل غلام نبي چانڊيو، سينئر نائب صدر اياز خان، نائب صدر شڪيل احمد ترابي ۽ انور ساجدي، سيڪريٽري اطلاعات منزه سميت ٻين عهديدارن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته آزاد ۽ ذميوار صحافت جمهوري نظام جي مضبوطي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ قومي معاملن تي عوامي آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ ميڊيا جو ڪردار نهايت اهميت رکي ٿو. هن، ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ميڊيا ادارن ۽ رياستي ڍانچي جي وچ ۾ هاڪاري رابطن ۽ اثرائتي سهڪار، ملڪ ۽ قوم جي وسيع مفاد ۾ ضروري آهي. هن چيو ته سي پي اين اي جي نئين قيادت صحافتي برادري کي درپيش مسئلن جي حل، پيشيواراڻي معيار جي بهتري ۽ ميڊيا جي اداري جاتي استحڪام لاءِ فعال ۽ اثرائتا قدم کڻندي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پارليامينٽ ميڊيا کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار جاري رکندي.











