راڻا ثناءُ الله جي فيصل آباد ۾ شهيد حوالدار محمد نويد انصاري جي گهر آمد، گهرڀاتين سان ملاقات

اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله فيصل آباد ۾ شهيد حوالدار محمد نويد انصاري جي گهر ويو ۽ سندس گهرڀاتين سان ملاقات ڪئي. تفصيل مطابق حوالدار محمد نويد انصاري مئي 2025ع ۾ ڊيوٽي دوران شهيد ٿيو هو. راڻا ثنا الله فيصل آباد ۾ شهيد حوالدار محمد نويد انصاري جي گهرڀاتين سان ملاقات ڪري شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا …

اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله فيصل آباد ۾ شهيد حوالدار محمد نويد انصاري جي گهر ويو ۽ سندس گهرڀاتين سان ملاقات ڪئي. تفصيل مطابق حوالدار محمد نويد انصاري مئي 2025ع ۾ ڊيوٽي دوران شهيد ٿيو هو. راڻا ثنا الله فيصل آباد ۾ شهيد حوالدار محمد نويد انصاري جي گهرڀاتين سان ملاقات ڪري شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. هن شهيد جي ڪٽنب سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي انهن جي صبر ۽ حوصلي کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. راڻا ثنا الله، شهيد جي گهرڀاتين سان ملاقات دوران چيو ته شهيدن جون قربانيون قومن جي عزت، وقار ۽ بقا جي ضمانت ٿينديون آهن، معرڪه حق پاڪستان کي عزت، وقار ۽ تاريخي ڪاميابي ڏياري، اها ڪاميابي شهيدن جي بي مثال قربانين جو نتيجو آهي. هن چيو ته شهيدن جي گهرڀاتين جون قربانيون ناقابل فراموش آهن ۽ پوري قوم کي ان تي فخر آهي، شهيدن جا خاندان قوم جو قيمتي اثاثو آهن ۽ اسان سڀ شهيدن جي گهرڀاتين جا مقروض آهيون. 

مزید خبریں