مڪو شريف- 04 مئي (اي پي پي) سعودي عرب ۾ حج آپريشن 2026ع جي شروعات سان گڏ ئي پاڪستاني حاجين جي سهولت ۽ خوراڪ لاءِ بهترين انتظام ڪيا ويا آهن. مڪه مڪرمه ۾ قائم ڪيل نجي ڪمپنيءَ جو ڪِچن هن وقت 8 هزار کان وڌيڪ حاجين کي روزانو جي بنياد تي تازو ۽ معياري کاڌو فراهم ڪرڻ جو مرڪز بڻيل آهي. ڪچن انتظاميه موجب هتي صفائي سٿرائيءَ جي عالمي معيار …
تازو کاڌو، روايتي ذائقو، مڪه مڪرمه ۾ 8 هزار پاڪستانين لاءِ نجي ڪمپني جو ڪشادو ڪِچن فعال

مزید خبریں
مڪو شريف- 04 مئي (اي پي پي) سعودي عرب ۾ حج آپريشن 2026ع جي شروعات سان گڏ ئي پاڪستاني حاجين جي سهولت ۽ خوراڪ لاءِ بهترين انتظام ڪيا ويا آهن. مڪه مڪرمه ۾ قائم ڪيل نجي ڪمپنيءَ جو ڪِچن هن وقت 8 هزار کان وڌيڪ حاجين کي روزانو جي بنياد تي تازو ۽ معياري کاڌو فراهم ڪرڻ جو مرڪز بڻيل آهي. ڪچن انتظاميه موجب هتي صفائي سٿرائيءَ جي عالمي معيار موجب انتظام ڪيا ويا آهن، ڪِچن ۾ داخل ٿيندي ئي صحت جي حفاظت جي اصولن جي پابندي واضح نظر اچي ٿي جتي ورڪرز باقاعده طور تي حفاظتي لباس ۽ ماسڪ جو استعمال ڪن ٿا. حاجين لاءِ گهر جهڙي ذائقي کي يقيني بنائڻ لاءِ سمورا بنيادي مصالحا خاص طور تي پاڪستان مان گُهرايل آهن. ڪِچن ڪوآرڊينيٽر جو چوڻ آهي ته اسان جي پهرين ترجيح اها آهي ته پاڪستاني حاجين کي پنهنجي ملڪ جهڙو ذائقو ملي، ان لاءِ سموريون داليون، چانور ۽ مصالحا پاڪستان مان گُهرايا ويا آهن ته جيئن معيار ۽ ٽيسٽ ۾ ڪو سمجهوتو نه ٿئي، روزانو جي بنياد تي ڪِچن ۾ تازيون ڀاڄيون ۽ گوشت پهچايا وڃن ٿا، مينيو ۾ مڪس ڀاڄي، مٽن اچاري ۽ ٻيا روايتي پڪوان شامل آهن، وڏي پيماني تي کاڌي جي تياريءَ لاءِ ماهر شيف ۽ سَوين ورڪرز 24 ڪلاڪ شفٽن ۾ ڪم ڪن ٿا. هن چيو ته حاجين لاءِ وڏي پيماني تي چانهه جي تياريءَ لاءِ به خاص انتظام موجود آهن، ڪچن ۾ خشڪ راشن (چانور، داليون، گيهه) لاءِ وسيع اسٽورز سان گڏوگڏ گوشت ۽ ٻين شين کي محفوظ رکڻ لاءِ جديد فريزر پلانٽ به لڳايا ويا آهن، جتي گرمي پد کي مانيٽر ڪيو وڃي ٿو ته جيئن کاڌي جي تازگي برقرار رهي. مڪه مڪرمه ۾ موجود حاجين ۽ سندن ڪٽنبن لاءِ اها اطمينان جوڳي ڳالهه آهي ته مڪه مڪرمه ۾ سندن خوراڪ ۽ صحت جو مڪمل خيال رکيو پيو وڃي.











