ڪراچي- 04 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ سخت گرمي ۽ ٻين سببن جي ڪري فوتگين تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه انتظاميا کي هدايت ڪئي ته مختلف علائقن مان مليل لاشن جي فوري نشاندهي ڪري وارثن جي ڳولا ڪئي وڃي. وڏي وزير منگھو پير ۽ گلشن حديد ۾ منشيات واپرائڻ سبب فوتگين تي لاڳاپيل …
سنڌ جي وڏي وزير پاران ڪراچي ۾ سخت گرمي سبب فوتگين تي گهري ڏک جو اظهار

مزید خبریں
ڪراچي- 04 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ سخت گرمي ۽ ٻين سببن جي ڪري فوتگين تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه انتظاميا کي هدايت ڪئي ته مختلف علائقن مان مليل لاشن جي فوري نشاندهي ڪري وارثن جي ڳولا ڪئي وڃي. وڏي وزير منگھو پير ۽ گلشن حديد ۾ منشيات واپرائڻ سبب فوتگين تي لاڳاپيل اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وڏي وزير صحت کاتي کي سخت هدايتون جاري ڪندي چيو ته ته اسپتالن ۾ مريضن کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن. سنڌ جي وڏي وزير فوتين جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. مراد علي شاهه شهرين کي اپيل ڪئي ته هو غير ضروري گهرن کان ٻاهر نه نڪرن ۽ سخت گرمي کي نظر ۾ رکندي احتياطي تدبيرون اختيار ڪن.











