ڪراچي- 04 مئي (اي پي پي) سنڌجي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو آهي ته پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني نه فقط وطن عزيز جي هاڪاري سڃاڻپ اجاڳر ڪري رهيا آهن، پر قومي معيشت جي استحڪام ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اها ڳالهه هن پنهنجي آمريڪا جي دوري دوران هيوسٽن ۾ ترسيل اوورسيز پاڪستانين سان ملاقات جي موقعي تي ڪئي. گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب ان …
پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني نه فقط وطن عزيز جي هاڪاري سڃاڻپ اجاڳر ڪري رهيا آهن، پر قومي معيشت جي استحڪام ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن: سنڌ جو گورنر

مزید خبریں
ڪراچي- 04 مئي (اي پي پي) سنڌجي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو آهي ته پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني نه فقط وطن عزيز جي هاڪاري سڃاڻپ اجاڳر ڪري رهيا آهن، پر قومي معيشت جي استحڪام ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اها ڳالهه هن پنهنجي آمريڪا جي دوري دوران هيوسٽن ۾ ترسيل اوورسيز پاڪستانين سان ملاقات جي موقعي تي ڪئي. گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب ان موقعي تي پاڪ – آمريڪا لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ، ٻه طرفي واپار جي امڪانن ۽ اوورسيز پاڪستانين جي اثرائتي ڪردار تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر چيو ته حڪومت پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين سان رابطن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ کين قومي ترقي جي ڌارا ۾ وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ شامل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. گورنر جي اعزاز ۾ اها ملاقات پاڪستان جي قونصل جنرل هيوسٽن آفتاب چوڌري پاران منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سفارتي، واپاري ۽ سماجي حلقن سان تعلق رکندڙ ناليوارين شخصيتن شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ، چيئرمين بورڊ آف گورنرز ۽ اوورسيز سيد قمر رضا، ناليواري بزنس مين تنوير احمد، ميڪسم جي سي اِي او اعزاز حسن سميت هيوسٽن ۾ ترسيل پاڪستاني ڪميونٽي جي ماڻهن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. قونصل جنرل آفتاب چوڌري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ان نوعيت جون ملاقاتون ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن، جڏهن ته اوورسيز پاڪستانين کي هڪ اثرائتي پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جو به بهترين ذريعو آهن.











