پاڪستان ويڪسين جي تياريءَ لاءِ پُرعزم آهي، قومي ويڪسين پاليسي جي منظوري اهم سنگ ميل آهي: وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال

 اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان مقامي سطح تي ويڪسين جي تياريءَ لاءِ پُرعزم آهي ۽ قومي ويڪسين پاليسيءَ جي منظوري ملڪي تاريخ جو اهم سنگ ميل آهي، ان پاليسيءَ کان پوءِ پاڪستان کي ويڪسين تيار ڪرڻ جو باقائده اختيار حاصل ٿي ويندو ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ ملڪ پاڻ ويڪسين بنائڻ جي قابل ٿي ويندو. اهڙو اظهار …

 اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان مقامي سطح تي ويڪسين جي تياريءَ لاءِ پُرعزم آهي ۽ قومي ويڪسين پاليسيءَ جي منظوري ملڪي تاريخ جو اهم سنگ ميل آهي، ان پاليسيءَ کان پوءِ پاڪستان کي ويڪسين تيار ڪرڻ جو باقائده اختيار حاصل ٿي ويندو ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ ملڪ پاڻ ويڪسين بنائڻ جي قابل ٿي ويندو. اهڙو اظهار هن وفاقي ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) جي دؤري دوران ڪيو، جتي سندس صدارت ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ فيڊرل سيڪريٽري هيلٿ، ايڊيشنل سيڪريٽري هيلٿ، ڊي جي هيلٿ ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊريپ سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم تحت 2-ڊي بار ڪوڊ تحت لاڳو ٿيل اڳڀرائيءَ جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ان کان علاوه ڊريپ طرفان جاري آٽوميشن قدمن جو به معائنو ڪيو ويو. اجلاس ۾ قومي ويڪسين پاليسيءَ جي منظوريءَ کان پوءِ آئينده جي لائحه عمل، انڊونيشيا سان مفاهمتي يادداشت تي اڳڀرائي ۽ گلوبل بينچ مارڪنگ فار نيشنل ريگيوليٽري سسٽم بابت قدمن جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير چيو ته هو ڊبليو ايڇ او جي گلوبل بينچ مارڪنگ سسٽم کي اثرائتي لاڳو ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومتن سان گڏ پاڻ ڪوآرڊينيشن ڪندو. اجلاس ۾ نيشنل ڪنٽرول ليبارٽري فار بائيولاجيڪل جي اپ گريڊيشن ۽ ڊريپ ۾ جاري ڀرتين جي عمل تي به اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته ڊريپ ۾ جاري سڌارن جا هاڪاري اثر سامهون اچي رهيا آهن ۽ اداري کي عالمي معيار موجب هڪ اثرائتي ريگيوليٽري اٿارٽي بنائڻ لاءِ قدم تيز ڪيا پيا وڃن. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته ڊريپ ڊبليو ايڇ او جي ليول ٿري اسٽيٽس کي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورن ضروري قدمن ۾ تيزي آندي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ان اڳڀرائيءَ کان پوءِ پاڪستاني دوائن کي دنيا جي 150 ملڪن تائين پهچ حاصل ٿي سگهندي، جڏهن ته هن وقت پاڪستان جون دوائون 51 ملڪن کي روانگي واپار ڪيون پيون وڃن. انهن قدمن سان نه صرف روانگي واپار ۾ نمايان واڌ ٿيندي پر ملڪي معيشت به مضبوط ٿيندي.

مزید خبریں