لاڙڪاڻو- 04 مئي (اي پي پي) لاڙڪاڻو ۾ آل پاڪستان واپڊا هائڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين شيخ زيد سب ڊويزن جي سالياني چونڊ ۾ پورهيت اڳواڻ وسيم احمد جتوئي ۽ نوشاد احمد ميمڻ بنا مقابلي چيئرمين ۽ جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويا آهن، جڏهن ته وائيس چيئرمين تي غلام مصطفيٰ چانڊيو، جوائنٽ سيڪريٽري تي زاهد سڌايو مخالف پينل جي اميدوارن سان چونڊ وڙهندا. هوڏانهن آل پاڪستان واپڊا هائڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز جي ريجنل …
لاڙڪاڻو ۾ آل پاڪستان واپڊا هائڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين شيخ زيد سب ڊويزن جي سالياني چونڊ، وسيم احمد جتوئي ۽ نوشاد احمد ميمڻ ڪامياب

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 04 مئي (اي پي پي) لاڙڪاڻو ۾ آل پاڪستان واپڊا هائڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين شيخ زيد سب ڊويزن جي سالياني چونڊ ۾ پورهيت اڳواڻ وسيم احمد جتوئي ۽ نوشاد احمد ميمڻ بنا مقابلي چيئرمين ۽ جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويا آهن، جڏهن ته وائيس چيئرمين تي غلام مصطفيٰ چانڊيو، جوائنٽ سيڪريٽري تي زاهد سڌايو مخالف پينل جي اميدوارن سان چونڊ وڙهندا. هوڏانهن آل پاڪستان واپڊا هائڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز جي ريجنل چيئرمين نثار احمد شيخ، چيئرمين عبدالله سومرو ۽ ٻين اڳواڻن پاران بنا مقابلي چونڊيل چيئرمين وسيم احمد جتوئي ۽ جنرل سيڪريٽري نوشاد احمد ميمڻ کي مبارڪون ڏئي کين اجرڪن جا تحفا ڏنا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بنا مقابلي چونڊيل چيئرمين وسيم احمد جتوئي چيو ته پورهيت هن سخت گرمي ۾ به رات ڏينهن بجلي جي پولن تي چڙهي پنهنجي زندگيون داءُ تي لڳائي رهيا آهن، پر انهن کي سيپڪو پاران ڪي به گهربل جديد قسم جون سهولتون مهيا نه ٿيون ڪيون وڃن، جنهن ڪري سندن زندگيون موت جي ٻي واٽي تي بيٺل آهن. هن چيو ته شيخ زيد سب ڊويزن ۾ پورهيت ساٿين بنا مقابلي چونڊي اسان تي ڀرپور اعتماد ڪيو آهي، جن جي حقن لاءِ پنهنجي جدوجهد تيز ڪئي ويندي ۽ پورهيتن جا حق ڪنهن کي به ڦٻائڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته اسان کي پنهنجي قيادت تي مڪمل طور اعتماد آهي، جن سان هر موڙ تي گڏ آهيون.











