سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان قازقستان جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان قازقستان جي سفير يرزان ڪستافين پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ ٻه طرفن ناتن، پارلياماني ناتن، علائقائي رابطن ۽ معاشي ڀائيواريءَ کي هٿي وٺرائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ قازقستان جا ناتا گڏيل احترام، گڏيل قدرن ۽ علائقائي هم آهنگيءَ …

اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان قازقستان جي سفير يرزان ڪستافين پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ ٻه طرفن ناتن، پارلياماني ناتن، علائقائي رابطن ۽ معاشي ڀائيواريءَ کي هٿي وٺرائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ قازقستان جا ناتا گڏيل احترام، گڏيل قدرن ۽ علائقائي هم آهنگيءَ تي ٻَڌل آهن. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته قازقستان جي صدر قاسم جومارت توقايف پاران پاڪستان جو تازو دؤرو ٻه طرفن ناتن ۾ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. سينيٽ چيئرمين سياسي، پارلياماني ۽ معاشي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته پارلياماني سفارتڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ ٻنهي ملڪن جي فرينڊشپ گروپس کي اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن ٻه طرفي واپار خاص ڪري زرعي شعبي ۾ سهڪار ۾ ٿيندڙ هاڪاري اڳڀرائيءَ کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو ۽ چيو ته واپار، سياحت ۽ عوامي رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سڌيءَ ريت فضائي رابطا اڻٽر آهن. سندس چوڻ هو ته علائقائي رابطن کي هٿي وٺرائڻ ۽ مارڪيٽن تائين پهچ لاءِ گڏيل قدم وقت جي اهم ضرورت آهن، جڏهن ته پائيدار معاشي ترقي لاءِ علائقائي امن ۽ استحڪام انتهائي اهميت رکندڙ آهي. ان موقعي تي قازقستان جي سفير مختلف شعبن ۾ پاڪستان سان سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي نئون رُخ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں