مفتي اعظم فلسطين الشيخ محمد احمد حسين ۽ قاضي القضا فلسطين ڊاڪٽر محمود الهباش، امام مسجد ابراهيمي سان گڏ پنجن ميمبرن تي ٻڌل وفد پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) مفتي اعظم فلسطين الشيخ محمد احمد حسين ۽ قاضي القضا فلسطين ڊاڪٽر محمود الهباش، امام مسجد ابراهيمي سان گڏ پنجن ميمبرن تي ٻڌل وفد پاڪستان پهچي ويو. اسلام آباد ايئرپورٽ تي سندن استقبال پاڪستان علماءَ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ محمد طاهر محمود اشرفي، مذهبي معاملن واري وزارت ۽ حڪومت جي اعليٰ اختيارين ۽ پاڪستان ۾ فلسطين جي سفير ڪيو. مفتي اعظم فلسطين ۽ …

اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) مفتي اعظم فلسطين الشيخ محمد احمد حسين ۽ قاضي القضا فلسطين ڊاڪٽر محمود الهباش، امام مسجد ابراهيمي سان گڏ پنجن ميمبرن تي ٻڌل وفد پاڪستان پهچي ويو. اسلام آباد ايئرپورٽ تي سندن استقبال پاڪستان علماءَ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ محمد طاهر محمود اشرفي، مذهبي معاملن واري وزارت ۽ حڪومت جي اعليٰ اختيارين ۽ پاڪستان ۾ فلسطين جي سفير ڪيو. مفتي اعظم فلسطين ۽ قاضي القضا فلسطين ڇهين عالمي پيغام اسلام ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندا. ڪانفرنس 6 مئي کان اسلام آباد ۾ ٿيندي. مفتي اعظم فلسطين چيو ته پاڪستان اچي مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، اهل فلسطين ۽ اهل پاڪستان جي محبت لازوال آهي. هنن چيو ته پاڪستان جي حڪومت، فوج ۽ عوام جي فلسطين جي حمايت ڪڏنهن به وساري نٿي سگهجي. صدر مملڪت، وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي فلسطين جي موقف جي حمايت تي ٿورائتا آهيون. حافظ طاهر محمود اشرفي چيو ته ڇهين عالمي پيغام اسلام ڪانفرنس پاڪستان، مملڪت سعودي عرب ۽ عالم اسلام جي گڏيل موقف جي حوالي سان هڪ عظيم گڏيل ميڙاڪو هوندو. فلسطين جو مفتي اعظم صدر ، وزيراعظم، پرڏيهي وزير ۽ حڪومت ۽ رياست جي ذميوارن سان ملاقات ڪندو.

مزید خبریں