عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ واڌ، سون جي قيمت ۾ گهٽتائيءَ جو رجحان

اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ گذريل ڏينهن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ڪچي تيل جي قيمتن ۾ واڌ، جڏهن ته سون جي قيمت ۾ گهٽتائيءَ جو رجحان رهيو. آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ تحت ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 0.67 سيڪڙو جي واڌ کانپوءِ 102.62 ڊالر ۽ برينٽ ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 0.83 سيڪڙو جي واڌ کان پوءِ 109.07 ڊالر في بيرل ۾ …

اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ گذريل ڏينهن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ڪچي تيل جي قيمتن ۾ واڌ، جڏهن ته سون جي قيمت ۾ گهٽتائيءَ جو رجحان رهيو. آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ تحت ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 0.67 سيڪڙو جي واڌ کانپوءِ 102.62 ڊالر ۽ برينٽ ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 0.83 سيڪڙو جي واڌ کان پوءِ 109.07 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. اوپيڪ باسڪٽ تحت ڪچي تيل جي قيمتن ۾ 1.69 سيڪڙو جي واڌ ٿي ۽ مستقبل جا سودا 109.44 ڊالرن ۾ طئي ٿيا. ڪويت ايڪسپورٽ بلينڊ تحت مستقبل جا سودا 5.78 سيڪڙو جي واڌ کان پوءِ 112.32 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. ڪوئلي جي قيمت ۾ 0.07 سيڪڙو جي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. ڪاروباري هفتي جي شروعات تي سون جي قيمت ۾ 0.53 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي ۽ مستقبل جا سودا 4588 ڊالر في اونس ۾ طئي ٿيا، چاندي جي قيمت ۾ 0.45 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي، ڪڻڪ جي قيمت ۾ 0.48 سيڪڙو جي گهٽتائي، جڏهن ته سويابين جي قيمت ۾ 0.48 سيڪڙو جي واڌ ٿي.

مزید خبریں