راولپنڊي- 04 مئي (اي پي پي) مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ جي چيئرمين مولانا سيد محمد عبدالخبير آزاد چيو آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن دهشتگرديءَ خلاف عظيم قربانيون ڏنيون آهن، جن کي قوم قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. حق جي ويڙهه جي ڪاميابيءَ تي پنهنجي بهادر هٿياربند فوج ۽ سپهه سالار کي خراجِ تحسين ۽ شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا. اهڙو اظهار هن سُومر …
پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن دهشتگرديءَ خلاف عظيم قربانيون ڏنيون آهن، جن کي قوم قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي: مولانا عبدالخبير آزاد

مزید خبریں
راولپنڊي- 04 مئي (اي پي پي) مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ جي چيئرمين مولانا سيد محمد عبدالخبير آزاد چيو آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن دهشتگرديءَ خلاف عظيم قربانيون ڏنيون آهن، جن کي قوم قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. حق جي ويڙهه جي ڪاميابيءَ تي پنهنجي بهادر هٿياربند فوج ۽ سپهه سالار کي خراجِ تحسين ۽ شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا. اهڙو اظهار هن سُومر ڏينهن راولپنڊيءَ جي مقامي هوٽل ۾ رٿيل استحڪام پاڪستان ڪانفرنس ”حق جي ويڙهه، بنيان مرصوص“ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي راولپنڊي ڊويزن جو ڪمشنر انجنيئر عامر خٽڪ، ريجنل پوليس آفيسر بابر سرفراز، امن ڪميٽيءَ جي ميمبرن، پوليس انتظاميه جي اعليٰ آفيسرن، واپاري اڳواڻن سميت سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ ملڪ ۾ امن امان جي قيام، قانون جي بالادستي، قومي يڪجهتي کي هٿي وٺرائڻ ۽ رياستي ادارن وچ ۾ هم آهنگيءَ کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. تقريب جي خاص مهمان مولانا سيد محمد عبدالخبير آزاد پنهنجي خطاب ۾ چيو ته دهشتگردي، ناانصافي ۽ رياست مخالف سرگرميون ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن. هن چيو ته پاڪستان هڪ آئيني ۽ قانوني رياست آهي جتي انصاف، قانون جي بالادستي ۽ شهري حقن جو تحفظ بنيادي اصول آهن. هن چيو ته دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پاڪستان بي مثال قربانيون ڏنيون آهن ۽ پوري قوم ان ناسور خلاف متحد آهي. سندس چوڻ هو ته قرآن ۽ سنت جي روشنيءَ ۾ ظلم، فساد ۽ انتشار جي ڪا گنجائش ناهي، جڏهن ته معاشري ۾ امن، رواداري ۽ انصاف کي هٿي وٺرائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو ملڪ اندر نفاق ۽ انتشار ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪري ته پوري قوم، عالم ۽ سمورا طبقا متحد ٿي ان جو رستو روڪين. هن چيو ته محرم الحرام دوران سمورن مذهبن ۽ مسلڪن ۽ روايتن جو احترام اسان جي قومي ۽ ديني ذميداري آهي ۽ ان ئي احترام جي بنياد تي اسان هر قسم جي فرقيواراڻي يا تخريبي سازشن کي ناڪام بڻائينداسين. هن چيو ته اڄ جو هي پروگرام راولپنڊي مان پوري پاڪستان لاءِ هڪ واضح پيغام آهي ته قوم متحد آهي ۽ ڪنهن آڏو جهڪڻ واري ناهي. هن چيو ته مختلف مذهبي اڳواڻن ۽ عالمي شخصيتن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته جنگ ڪنهن مسئلي جو حل ناهي، پر دنيا جي سمورن خطن ۾ امن، ڳالهين ۽ افهام و تفهيم ذريعي مسئلن کي حل ڪرڻ گهرجي، چاهي ان جو تعلق ڪنهن به مذهب، فرقي يا خطي سان هجي. هن چيو ته پوري دنيا ۾ امن جي حق ۾ آواز بلند ٿي رهيا آهن ۽ اها ڳالهه تسليم ڪئي پئي وڃي ته تڪرارن جو حل طاقت بدران ڳالهين ۽ امن جي رستي سان ئي ممڪن آهي. مولانا چيو ته اڄ جو ڏينهن هڪ عظيم ڏينهن آهي جنهن ۾ اسان پنهنجي بهادر فوج، سپهه سالار، شهيدن ۽ غازين کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته اهي سمورا علائقا جتان دشمنن اڳرائيءَ جي ڪوشش ڪئي، چاهي اهو بهاولپور هجي، ڪشمير هجي، لاهور هجي يا ٻيا علائقا، اتي پاڪستاني فوج ڀرپور ۽ اثرائتو جواب ڏئي ملڪ جو دفاع ڪيو. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته آئينده به جيڪڏهن ڪنهن طرفان پاڪستان خلاف اڳرائي جي ڪوشش ڪئي وئي ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان ان جو اهڙيءَ طرح ڀرپور ۽ اثرائتو جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته اسان جو ڀاءُ ملڪ ايران اسان جي نظر ۾ احترام جوڳو آهي ۽ اسان سندس سلامتي ۽ استحڪام لاءِ دعاڳو آهيون. هن چيو ته وچ اوڀر جي مسلمان اُمت ۽ حرمين شريفين اسان لاءِ فخر جوڳا آهن ۽ اسان کي ان ڳالهه تي به ناز آهي ته حرمين شريفين جي خادم ۽ محافظ هئڻ جي رستي کي دلي ۽ ايماني طور تي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ حرمين شريفين وچ ۾ هڪ مضبوط روحاني ۽ ايماني تعلق موجود آهي، جنهن کي اسان نهايت عقيدت سان اڳتي وٺي وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان هميشه امن جو داعي رهيو آهي ۽ هن سڄي دنيا ۾ بين المذاهب هم آهنگي ۽ رواداري کي هٿي وٺرائڻ ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪيو. مولانا عبدالخبير آزاد چيو ته اڄ جي هن ڪانفرنس ۾ مخلتف مذهبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن، عالمن ۽ مختلف طبقن جي نمائندن جي موجودگي ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته پاڪستان ۾ بين المذاهب هم آهنگي ۽ قومي يڪجهتي کي هٿي حاصل آهي. هن چيو ته اسان حق جي ويڙهه ۽ بنيان مرصوص جي پڄاڻيءَ تي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪريون ٿا ته جنهن اسان کي اهو اعزاز عطا ڪيو ۽ اسان کي قومي سطح تي اتفاق ۽ اتفاق سان اڳتي وڌڻ جو موقعو فراهم ڪيو. هن چيو ته اڄ ملڪ کي مضبوط بنائڻ، قوم کي روزگار ڏيڻ ۽ معاشري ۾ يڪجهتي پيدا ڪرڻ لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان جي بهادر فوج پويان 25 ڪروڙ عوام ۽ عالمن جون دُعائون ۽ سمورن طبقن جي حمايت شامل هئي، جنهن سبب الله تعاليٰ حق جي ويڙهه ۾ پاڪستان کي ڪاميابي عطا فرمائي. مولانا عبدالخبير آزاد چيو ته اڄ اسان کي علامه اقبال جي خوابن جي تعبير پاڪستان جي صورت ۾ نظر اچي رهي آهي، جتي پوري دنيا امن جي ان مرڪز طرف ڌيان ڏئي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ”لااله الا الله محمد رسول الله“ جي نظريي تي قائم ٿيو ۽ اها ئي اصل سُڃاڻپ آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان طرف نظرون آهن ڇاڪاڻ ته اهو امن جو مرڪز آهي. هن پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته دشمن جي غرور کي پاڪستاني فوج مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ ان کي دنيا آڏو بي نقاب ڪري ڇڏيو. هن چيو ته اڄ اسان پنهنجي بهادر فوج، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، قومي قيادت کي خراجِ تحسين ۽ انهن شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا جن حق جي ويڙهه ۾ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو، جڏهن ته غازين کي به سلامِ عقيدت پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان جي فوج دشمن آڏو شيهي جي ڀت بڻجي ثابت قدمي ڏيکاري ۽ الله تعاليٰ وطن عزيز کي عزت بخشي. هن چيو ته جيڪڏهن آئينده ڪنهن به طرفان پاڪستان خلاف اڳرائي ڪئي وئي ته ان کي به سخت ۽ اثرائتو جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته باني پاڪستان قائداعظم محمدعلي جناح جي قيادت ۾ هي وطن عظيم قربانين جي نتيجي ۾ حاصل ڪيو ويو، جنهن جي حفاظت اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي دفاع، سلامتي ۽ استحڪام لاءِ پوري قوم متحد آهي ۽ هر سطح تي پنهنجون ذميداريون ادا ڪندي رهندي.











