پاڪستان ريلوي پاران 10 مئي تي يوم معرڪه حق ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو: محمد حنيف عباسي

اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته پاڪستان ريلوي 10 مئي تي يوم معرڪه حق ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ منعقد ٿيندڙ تقريبن ۾ وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي قيادت کي زربردست خراجِ تحسين پيش ڪيو ويندو. سومر ڏينهن جاري بيان ۾ ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي …

اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته پاڪستان ريلوي 10 مئي تي يوم معرڪه حق ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ منعقد ٿيندڙ تقريبن ۾ وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي قيادت کي زربردست خراجِ تحسين پيش ڪيو ويندو. سومر ڏينهن جاري بيان ۾ ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي مدبراڻي قيادت، جرئت منداڻي فيصلن ۽ باصلاحيت حڪمت عملي، پاڪستان کي عالمي سطح تي عزت ۽ وقار ڏياريو ۽ پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪيو. هن چيو ته يوم معرڪه حق جي موقعي تي وطن جي شهيدن کي شاندار خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته بهادر فوجين جي قربانين، جرئت ۽ عزم کي ڀرپور انداز ۾ ساراهيو ويندو. محمد حنيف عباسي چيو ته ان موقعي تي شهيدن جي گهرڀاتين جي صبر، استقامت ۽ حوصلي کي به سلام پيش ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته پاڪستان ريلوي جي ست ڊويزنل هيڊڪوارٽرز ۾ يوم معرڪه حق جون پروقار تقريبون منعقد ڪيون وينديون. جنهن ۾ قومي يڪجهتي، حب الوطني ۽ پاڪ فوج جي خدمتن کي اجاگر ڪيو ويندو. هن چيو ته 10 مئي تي راولپنڊي ۾ ٻنپهرن جو 3 وڳي مرڪزي تقريب منعقد ٿيندي جنهن کي هو خصوصي خطاب ڪندو. ان موقعي تي وفاقي وزير ريلوي گرين لائن ٽرين کي معرڪه حق برانڊنگ سان گڏ روانو به ڪندو. وفاقي وزير ٻڌايو ته پاڪستان ريلوي طرفان سڄي ملڪ جي 40 وڏين ريلوي اسٽيشنن تي به معرڪه حق جي حوالي سان خصوصي برانڊنگ ڪئي ويندي. هن چيو ته پشاور ۾ چيئرمين ريلوي جي نگراني هيٺ جڏهن ته لاهور ۾ سي اي او ريلوي جي نگراني هيٺ خاص تقريبون منعقد ڪيون وينديون. اي

مزید خبریں