لاهور -04 مئي (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ جي يارهين سيزن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن کي مختلف انفرادي اعزازن سان نوازيو ويو. پي سي بي ترجمان موجب ٽورنامينٽ جو ٽائيٽل کٽيندڙ پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم 588 رنسون ٺاهي بهترين بيٽسمين جو اعزاز حاصل ڪيو، کيس گولڊن بيٽ ۽ حنيف محمد ڪيپ ڏني وئي. پشاور زلمي جي فرحان يوسف کي بهترين فيلڊر قرار ڏنو ويو جڏهن ته …
پي ايس ايل ۾ نمايان ڪارڪردگي تي رانديگرن کي مختلف انفرادي اعزازن سان نوازيو ويو
لاهور -04 مئي (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ جي يارهين سيزن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن کي مختلف انفرادي اعزازن سان نوازيو ويو. پي سي بي ترجمان موجب ٽورنامينٽ جو ٽائيٽل کٽيندڙ پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم 588 رنسون ٺاهي بهترين بيٽسمين جو اعزاز حاصل ڪيو، کيس گولڊن بيٽ ۽ حنيف محمد ڪيپ ڏني وئي. پشاور زلمي جي فرحان يوسف کي بهترين فيلڊر قرار ڏنو ويو جڏهن ته اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڪپتان شاداب خان کي بهترين آل رائونڊر قرار ڏنو ويو. پليئر آف دي ٽورنامينٽ جو ايوارڊ پشاور زلمي جي سفيان مقيم کي ڏنو ويو جنهن 22 وڪيٽون حاصل ڪري بهترين بالر جو اعزاز به پنهنجي نالي ڪيو ۽ کيس فضل محمود ڪيپ سان نوازيو ويو. ڪوشال مينڊس کي بهتين وڪيٽ ڪيپر جڏهن ته حيدرآباد ڪنگز مين جي حنين شاهه کي ايمرجنگ پليئر آف دي ٽورنامينٽ قرار ڏنو ويو. آصف يعقوب کي بهترين امپائر جو اعزاز مليو، جڏهن ته حيدرآباد ڪنگز مين کي اسپرٽ آف دي ڪرڪيٽ ايوارڊ ڏنو ويو.












