اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) پاڪستان مان حج پانڌيئڙن جي سعودي عرب آمد جا انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن جنهن موجب هن وقت تائين مجموعي طور تي 36 هزار 943 پاڪستاني حج پانڌيئڙا مقدس سرزمين تي پهچي چڪا آهن. هن وقت تائين 126 اڏامن ذريعي 32 هزار 454 سرڪاري جڏهن ته 4 هزار 489 پرائيويٽ حج پانڌيئڙا سعودي عرب پهچي چڪا آهن. حج فلائيٽ آپريشن جي هڪ …
پاڪستان حج آپريشن جاري 36 هزار کان وڌيڪ حج پانڌيئڙا سعودي عرب پهچي ويا، جده لاءِ سڌيءَ ريت اڏامن جي شروعات

مزید خبریں
اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) پاڪستان مان حج پانڌيئڙن جي سعودي عرب آمد جا انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن جنهن موجب هن وقت تائين مجموعي طور تي 36 هزار 943 پاڪستاني حج پانڌيئڙا مقدس سرزمين تي پهچي چڪا آهن. هن وقت تائين 126 اڏامن ذريعي 32 هزار 454 سرڪاري جڏهن ته 4 هزار 489 پرائيويٽ حج پانڌيئڙا سعودي عرب پهچي چڪا آهن. حج فلائيٽ آپريشن جي هڪ اهم مرحملي ۾ (سومر) 4 مئي کان جده لاءِ سڌي ريت اڏامن جو سلسلو به شروع ٿي ويو آهي. جنهن تحت ملڪ جي مختلف شهرن مان 17 اڏامن ذريعي وڌيڪ 4 هزار 377 حج پانڌيئڙا مڪي پاڪ پهچي ويا ٻئي پاسي مڪي پاڪ ۾ پاڪسان حج مشن جو مين ڪنٽرول آفيس حج پانڌيئڙن کي سهولت فراهم ڪرڻ ۾ مصروف آهي. گم ٿيلن ۽ بازياب ٿيلن واي شعبي هن وقت تائين 6 لاپته حج پانڌيئڙن، 37 ويل چيئرز ۽ 3700 بيگز تلاش ڪري حاجين جي حوالي ڪيا آهن. ان کان علاوه13 هزار کان وڌيڪ حج پانڌيئڙن جي حرم گائيڊز ذريعي رستن جي رهنمائي ڪئي وئي. حج ميڊيڪل مشن حج پانڌيئڙن کي ڀرپور طبي سهولتون فراهم ڪري رهيا آهن. جاري ڪيل رپورٽ موجب هن وقت تائين 5 هزار حاجين کي او پي ڊي خدمتون فراهم ڪيون ويون آهن. طبي مشن هن وقت 132 ڊينٽل پروسيجر، 28 ايڪسري، 18 ليب ٽيسٽ، 8 الٽرا سائونڊ ۽ 5 اي سي جي مڪمل ڪيا آهن ته جيئن حج پانڌيئڙا پنهنجي عبادت تي ڀرپور نموني ڌيان ڏئي سگهن.











