ويانا -04 مئي (اي پي پي ) انٽر نيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي ( آءِ اي اي اي ) چيو آهي ته يوڪرين ۾ واقع زاپوريزيا ايٽمي بجلي گهر جي هڪ ريڊي ايشن ليبارٽري کي ڊرون ذريعي نشانو بڻايو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اداري چيو آهي ته پلانٽ انتظاميه اطلاع ڏنو ته ڊرون پرڏيهي ريڊي ايشن ڪنٽرول ليبارٽري کي هدف بڻايو،جيڪو مرڪزي ٺڪاڻي جي حدن کان ٻاهر آهي، جڏهن ته ان واقعي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو جڏهن ته ليبارٽري کي پهتل نقصان …
يوڪرين جي زاپوريزيا ايٽمي بجلي گهر جي ريڊي ايشن ليبارٽري تي ڊرون حملو، آءِ اي اي اي جي تصديق

مزید خبریں
ويانا -04 مئي (اي پي پي ) انٽر نيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي ( آءِ اي اي اي ) چيو آهي ته يوڪرين ۾ واقع زاپوريزيا ايٽمي بجلي گهر جي هڪ ريڊي ايشن ليبارٽري کي ڊرون ذريعي نشانو بڻايو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اداري چيو آهي ته پلانٽ انتظاميه اطلاع ڏنو ته ڊرون پرڏيهي ريڊي ايشن ڪنٽرول ليبارٽري کي هدف بڻايو،جيڪو مرڪزي ٺڪاڻي جي حدن کان ٻاهر آهي، جڏهن ته ان واقعي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو جڏهن ته ليبارٽري کي پهتل نقصان بابت صورتحال واضح ناهي ٿي. آءِ اي اي هن وقت ان هنڌ تي موجود ناهي پر صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ليبارٽري تائين پهنچ جي درخواست ڪئي آهي. ان موقعي تي آءِ اي اي جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروسي خبردار ڪيو آهي ته ايٽمي ٺڪاڻن ويجهو ڪنهن به قسم جا حملا نيو ڪليئر سيفٽي لاءِ سنگين خطرا پيدا ڪري سگهن ٿا.











