روس وچ اوڀر ۾ وڏي پيماني تي تباهي پکيڙيندڙ هٿيارن کان پاڪ زون بڻائڻ لاءِ نوان قدم تجويز ڪري سگهي ٿو: روس جو نمائندو    

ماسڪو-04 مئي (اي پي پي) روس وچ اوڀر ۾ ايٽمي ۽ وڏي پيماني تي تباهي پکيڙيندڙ ٻين هٿيارن (ڊبليو ايم ڊي) کان پاڪ زون ٺاهڻ لاءِ نوان قدم تجويز ڪري سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه ويانا ۾ عالمي تنظيمن لاءِ روس جي مستقل نمائندي ميخائل اليانوف هڪ انٽرويو ۾ چئي. هن چيو ته وچ اوڀر ۾ وڏي پيماني تي تباهي پکيڙيندڙ هٿيارن کان پاڪ زون ٺاهڻ جو تصور پنهنجي پڄاڻي تائين عالمي ايجنڊه تي رهندو. اهو ممڪن آهي ته ضرورت پوڻ تي …

ماسڪو-04 مئي (اي پي پي) روس وچ اوڀر ۾ ايٽمي ۽ وڏي پيماني تي تباهي پکيڙيندڙ ٻين هٿيارن (ڊبليو ايم ڊي) کان پاڪ زون ٺاهڻ لاءِ نوان قدم تجويز ڪري سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه ويانا ۾ عالمي تنظيمن لاءِ روس جي مستقل نمائندي ميخائل اليانوف هڪ انٽرويو ۾ چئي. هن چيو ته وچ اوڀر ۾ وڏي پيماني تي تباهي پکيڙيندڙ هٿيارن کان پاڪ زون ٺاهڻ جو تصور پنهنجي پڄاڻي تائين عالمي ايجنڊه تي رهندو. اهو ممڪن آهي ته ضرورت پوڻ تي روس ان معاملي تي نوان قدم تجويز ڪري روس جي سفارتڪار ان موقعي تي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته اسرائيل هڪ طرف ايٽمي عدم پکيڙ جي معاهدي (اين پي ٽي ۾ شامل ٿيڻ جي مطالبي کي سختي سان رد ڪري ٿو پر گڏ ئي علائقي جي ٻين ملڪن سان ان معاهدي جي مڪمل پاسداري جو مطالبو ڪري ٿو.

مزید خبریں