سياسي اختلافن کي گارين يا گهٽين ۾ تڪرار ذريعي نه پر آئيني فورمز، خاص طور تي ڪائونسل آف ڪامن انٽرسٽ جهڙن ادارن ۾ دليلن سان اٿاريو وڃي: فيصل ڪريم ڪنڊي

لاڙڪاڻو/ جيڪب آباد -03 مئي (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ سيد نئير حسين بخاري، اڳوڻي وفاقي وزير قمر زمان ڪائره، پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ نديم افضل چن ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر نور عالم خان جکراڻي هائوس پهچي مير اعجاز حسين خان جکراڻي سان سندس پٽ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خيبر پختونخواه جي گورنر …

لاڙڪاڻو/ جيڪب آباد -03 مئي (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ سيد نئير حسين بخاري، اڳوڻي وفاقي وزير قمر زمان ڪائره، پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ نديم افضل چن ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر نور عالم خان جکراڻي هائوس پهچي مير اعجاز حسين خان جکراڻي سان سندس پٽ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خيبر پختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ قمر زمان ڪائره تازن بيانن ۾ سياسي معاملن کي آئيني دائري ۾ رهي حل ڪرڻ ۽ قومي يڪجهتي کي ھٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته سياسي اختلافن کي گارين يا گهٽين تي تڪرار ذريعي نه پر آئيني فورمز، خاص طور تي ڪائونسل آف ڪامن انٽرسٽ (سي سي آئي) جھڙن ادارن ۾ دليلن سان اٿاريو وڃي. هن ڪجهه سياسي گروپن طرفان لانگ مارچ جي اعلانن تي تنقيد ڪندي چيو ته اهڙن قدمن جو مقصد عوامي مسئلن جي حل جي بدران سياسي مفاد حاصل ڪرڻ معلوم ٿئي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته صوبي ۾ امن ۽ امان جي صورتحال تي پوري توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ حڪومت جي اولين ترجيح عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ هجڻ گهرجي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف قدمن تي سياسات نه ٿيڻ گهرجي ۽ ڪنهن به گروهه طرفان انتهاپسند عنصرن جي حمايت ڳڻتي جوڳي آهي.ٻئي پاسي، قمر زمان ڪائره به جيڪب آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرن کي بنا تصديق جي پکيڙڻ غير ذميواراڻو عمل آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ وفاق آهي جتي سڀئي صوبا پنهنجي پنهنجي صلاحيت مطابق وسيلا پيدا ڪن ٿا، پر انهن وسيلن جي ورڇ سڄي ملڪ جي ضرورت مطابق ڪئي وڃي ٿي.هن چيو ته سنڌ گئس جي پيداوار ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري ٿي، تنهن هوندي به اهي وسيلا سڄي ملڪ لاءِ استعمال ٿين ٿا، جيڪو وفاقي نظام جي مضبوطي جي عڪاسي ڪري ٿو. قمر زمان ڪائره ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته ملڪ ۾ آئين ۽ ادارا موجود آهن، ۽ سڀئي معاملا انهن جي مطابق حل ڪيا وڃن.

مزید خبریں