لاهور-03 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان محمد نواز شريف سان ملاقات ڪري کيس ملڪي صورتحال، وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن، پيٽروليم جي قيمتن ۽ عوامي رليف لاءِ حڪومتي قدمن تي اعتماد ۾ ورتو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف آچر ڏينهن جاتي امرا ۾ مسلم ليگ (ن) جي قائد ۽ …
وزيراعظم شهباز شريف جي مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف سان ملاقات، ملڪي صورتحال، وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن، پيٽروليم جي قيمتن ۽ عوامي رليف لاءِ حڪومتي قدمن تي اعتماد ۾ ورتو

مزید خبریں
لاهور-03 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان محمد نواز شريف سان ملاقات ڪري کيس ملڪي صورتحال، وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن، پيٽروليم جي قيمتن ۽ عوامي رليف لاءِ حڪومتي قدمن تي اعتماد ۾ ورتو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف آچر ڏينهن جاتي امرا ۾ مسلم ليگ (ن) جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن مسلم ليگ (ن) جي قائد کي ملڪي صورتحال جي حوالي سان بريف ڪيو. وزيراعظم کيس وچ اوڀر جي صورتحال ۽ پاڪستان جي قيام امن لاءِ ڪوششن کان به آگاهه ڪيو. هن عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۽ عوامي رليف لاءِ حڪومت جي قدمن تي به ميان نواز شريف کي اعتماد ۾ ورتو. ملاقات ۾ سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف به ملاقات ۾ موجود هئي.











