اسلام آباد-03 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صحافت جي آزادي جي تحفظ، ان کي هٿي وٺرائڻ ۽ سازگار ماحول جي فراهمي جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته ميڊيا نه رڳو اسان جي معاشرتي، سياسي ۽ معاشي جدت جي عڪاسي ڪري ٿي پر قومي يڪجهتي ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ جو سبب پڻ آهي، پروپيگنڊا، فيڪ نيوز، غير تصديق ٿيل خبرن جي پهچ کي پنهنجي پيشيوراڻي قدرن …
صحافت جي آزادي جو تحفظ حڪومت جي ترجيحن ۾ آهي، فيڪ نيوز جو ازالو ۽ ذميوار صحافت وقت جي اهم ضرورت آهي: وزيراعظم شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد-03 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صحافت جي آزادي جي تحفظ، ان کي هٿي وٺرائڻ ۽ سازگار ماحول جي فراهمي جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته ميڊيا نه رڳو اسان جي معاشرتي، سياسي ۽ معاشي جدت جي عڪاسي ڪري ٿي پر قومي يڪجهتي ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ جو سبب پڻ آهي، پروپيگنڊا، فيڪ نيوز، غير تصديق ٿيل خبرن جي پهچ کي پنهنجي پيشيوراڻي قدرن تحت روڪڻ هر صحافي جو فرض آهي، حق جي ويڙهه جا لمحا هٿياربند فوج جي صلاحيتن سان گڏوگڏ گڏيل قومي طاقت جو اظهار هئا، صحافتي برادري جو ڪردار ساراهه جوڳو رهيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان صحافت جي آزادي جي عالمي ڏهاڙي تي جاري ٿيل پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته صحافت جي آزادي جي ڏهاڙي تي هو پاڪستان سميت سڄي دنيا جي صحافين، ڪالم نگارن، رپورٽرن، ايڊيٽرن، براڊ ڪاسٽنگ ۽ صحافت سان لاڳاپيل سمورن ماڻهن کي سندن بي لوث خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪري ٿو، صحافت سان واڳيل ماڻهن جي پيشيوراڻن فرضن کي انجام ڏيڻ هڪ باخبر ۽ باشعور معاشري جي ضمانت آهي، تصديق ٿيل ۽ تعصب کان پاڪ غير جانبدار خبرون وقت سر ڇپائي ۽ نشريات ئي اصل صحافت جو ميراث آهن. هن چيو ته پروپيگنڊا، فيڪ نيوز، اڻ تصديق ٿيل خبرن جي پهچ کي پنهنجي پيشيوراڻي قدرن تحت روڪڻ هر صحافي جو فرض آهي، صحافي نه رڳو پيشيوراڻي پر سماجي قدرن جا امين هوندا آهن. هلندڙ سال صحافت جي آزادي جو ڏهاڙو ”پرامن مستقبل جي جوڙجڪ“ جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي. هي موضوع موجوده دور جي ضرورتن جي عڪاسي ڪري ٿو، صحافي پنهنجي فرضن جي ادائيگي ۾ هڪ باوقار، باحفاظت ۽ سازگار ماحول جا حقدار آهن. هن چيو ته موجوده دور ۾ امن امان جو ماحول صرف سفارتڪاري سان حاصل نٿو ٿي سگهي پر تصديق ٿيل معلومات، ذميوار صحافت ۽ عوامي راءِ ئي ان جي جوڙجڪ ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪن ٿا. عالمي لاڳاپن، ملڪن وچ ۾ سفارتي، معاشي، معاشرتي ۽ گڏيل تعلق کي مثبت، بامعني ۽ موثر بڻائڻ ۾ ميڊيا تعمير ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. اڪثر وقت ۾ موقف جي صحيح ترجمان ڪيترن ئي ڏکين مسئلن کي حل ڪري ڇڏيندي آهي، اها ئي ذميوار صحافت جو ڪم آهي. هن چيو ته پاڪستان پرامن ملڪ آهي ۽ اختلاف راءِ کان وٺي ڇڪتاڻ جي پائيدار حل تائين ڳالهين کي ترجيح ڏي ٿو. موجوده حالتن ۾ سفارتي ميدان ۾ پاڪستان، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، ڳالهين کي هٿي ڏيڻ ۽ خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سفارتي محاذ ۽ امن کانسواءِ قومي ميڊيا حق جي ويڙهه ۽ آپريشن بنيان مرصوص جي دوران به هڪ اهم ذميواري ادا ڪئي، جامع قومي رد عمل ۽ خودمختياري جي دفاع ۾ قومي يڪجهتي ۽ پاڪستان جي موقف کي وضاحت ۽ تحمل سان پيش ڪيو، ميڊيا عوام کي آگاهه رکيو ۽ غلط معلومات جو ازالو ڪيو، حق جي ويڙهه جا لمحا هٿياربند فوج جي صلاحيتن سان گڏوگڏ گڏيل قومي طاقت جو اظهار هئا، جنهن ۾ ذميوار ميڊيا شامل هئي، ۽ سمورن صحافين جو ڪردار ساراهه جوڳو هو، هن چيو ته اڄ اسان انهن صحافين کي به خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي فرضن جي ادائيگي دوران پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. انهن جي جرئت، همت ياد ڏياري ٿي ته آزاد صحافت هڪ املهه اثاثو آهي، ميڊيا جو منظرنامو وڏي تيزي سان جدت کي اختيار ڪندي تبديل ٿي رهيو آهي، ڊجيٽل پليٽ فارمز، ملڪي ۽ عالمي راءِ عامه جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ قومي سڃاڻپ ۽ موقف کي عالمي سطح تي موثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ ۾ ميڊيا جو ڪردار اهم آهي، هن چيو ته ميڊيا ادارن کي ڊجيٽل ميدان ۾ جدت سان پاڻ کي هم اهنگ ڪرڻ ۾ رفتار ۽ ذميواري جو احساس ٻئي گهربل آهن، ڪوڙين خبرن ۽ منظم گمراهه ڪندڙ مهمن جي پکيڙ قومي هم آهنگي ۽ عالمي ساک لاءِ هڪ حقيقي خطرو آهن، خبرن تائين جلد پهچ ۽ ساک ٻنهي کي مٿانهون رکڻ اڻٽر آهي، وزيراعظم صحافتي برادري کي اپيل ڪئي ته هو تصديق، ديانت ۽ پيشيوراڻي معيار جي اعليٰ ترين قدرن کي برقرار رکي ته جيئن ميڊيا جي برق رفتار ڊجيٽل دور ۾ به چٽاڀيٽي، سچائي جي قيمت تي نه هجي. هن چيو ته ميڊيا نه رڳو اسان جي معاشرتي، سياسي ۽ معاشي جدت جي عڪاسي ڪري ٿي پر قومي يڪجهتي ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ جو سبب پڻ آهي. صحافت عوام جي سماجي، معاشي ۽ عوامي اهميت جي معاملن کي اجاگر ڪرڻ ۽ اهم عوامي آگاهي لاءِ مفيد انداز ۾ ڪم ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته اڄ هن موقعي تي هو حڪومت جي ان عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ته آزاد صحافت جي تحفظ سان گڏوگڏ ان کي هٿي وٺرائڻ ۽ سازگار ماحول لاءِ هر امڪاني قدم کنيا ويندا. اچو گڏيل تجديد جو عزم ڪريون ۽ صحافتي آزادي جي تحفظ ۾ حڪومت پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي ته جيئن سازگار ماحول ۾ ميڊيا سچائي سان پنهنجون ذميواريون نڀائيندي رهي ۽ گڏجي اسان هڪ مضبوط پاڪستان جي تعمير لاءِ عمل ۾ رهون جيڪو پرامن، پراعتماد ۽ عالمي سطح تي باوقار مقام رکندو هجي.









