اسلام آباد-03 مئي(اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪُون ڏيندي چيو آهي ته صحافت جمهوري معاشري جو اهم ٿنڀ آهي، صحافتي ۽ رياستي ادارن وچ ۾ بهتر هم آهنگي قومي مفاد لاءِ ضروري آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ وفاقي وزير سي پي اين اي جي نئين …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪُون

مزید خبریں
اسلام آباد-03 مئي(اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪُون ڏيندي چيو آهي ته صحافت جمهوري معاشري جو اهم ٿنڀ آهي، صحافتي ۽ رياستي ادارن وچ ۾ بهتر هم آهنگي قومي مفاد لاءِ ضروري آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ وفاقي وزير سي پي اين اي جي نئين چونڊيل صدر، سيڪريٽري جنرل. سينئر نائب صدر سميت ٻين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪ ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ذميوار صحافت معاشرتي شعور کي بيدار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نئين چونڊيل قيادت ميڊيا انڊسٽري کي درپيش ڏکيائين جي حل ۽ صحافتي ادارن جي مضبوطي لاءِ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته حڪومت ذميوار صحافت کي هٿي وٺائڻ لاءِ ميڊيا انڊسٽري سان سهڪار جاري رکندي، صحافتي ۽ رياستي ادارن وچ ۾ بهتر هم آهنگي قومي مفاد لاءِ اڻٽر آهي.









