وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو نادرا سينٽر شمله پهاڙي جو اوچتو دورو

لاهور - 03 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي نادرا شمله پهاڙي سينٽر جو اوچتو دورو ڪيو. گهرو وزارت مطابق وفاقي وزير سينٽر ۾ بي پناهه رَش ۽ اي سي جي بندش تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ سينٽر تي سهولتون بهتر ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هن سينٽر ۾ موجود شهرين کان شناختي ڪارڊ ۽ ٻين دستاويزن جي عمل بابت پڇيو. گهرو وزير مختلف ڪائونٽرز …

لاهور – 03 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي نادرا شمله پهاڙي سينٽر جو اوچتو دورو ڪيو. گهرو وزارت مطابق وفاقي وزير سينٽر ۾ بي پناهه رَش ۽ اي سي جي بندش تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ سينٽر تي سهولتون بهتر ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هن سينٽر ۾ موجود شهرين کان شناختي ڪارڊ ۽ ٻين دستاويزن جي عمل بابت پڇيو. گهرو وزير مختلف ڪائونٽرز تي وڃي شهرين سان ملاقات ڪئي ۽ مسئلا معلوم ڪيا. گهرو وزير رَش کي بهتر طريقي سان مينيج ڪرڻ ڪرڻ جا حڪم ڏيندي چيو ته هن نادرا سينٽر جو اڳ به دورو ڪري چڪو آهيان، صورتحال بهتر ڪئي پر اڄ شهرين جو فيڊ بيڪ سٺو نه مليو. هن واضح ڪيو ته شهرين کي تيز رفتار خدمتن جي فراهمي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. گهرو وزير شهرين جي مسئلن جي حل لاءِ موقعي تي ئي حڪم جاري ڪيا.