اسلام آباد -03 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صحافت جي آزادي واري عالمي ڏهاڙي تي صحافين ۽ ميڊيا پرسنز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته صحافي ۽ ميڊيا ڪارڪن قومي تاريخ ۾ سچ ۽ جمهوريت جي ثابت قدم نگهبان جو ڪردار ادا ڪندا رهندا آهن. پي پي پي سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صحافت جي آزادي …
صحافي ۽ ميڊيا ڪارڪن قومي تاريخ ۾ سچ ۽ جمهوريت جي ثابت قدم نگهبان جو ڪردا ادا ڪندا رهيا: بلاول ڀٽو زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد -03 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صحافت جي آزادي واري عالمي ڏهاڙي تي صحافين ۽ ميڊيا پرسنز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته صحافي ۽ ميڊيا ڪارڪن قومي تاريخ ۾ سچ ۽ جمهوريت جي ثابت قدم نگهبان جو ڪردار ادا ڪندا رهندا آهن. پي پي پي سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صحافت جي آزادي جمهوريت لاءِ اڻٽر ۽ امن، معاشي بحالي، پائيدار ترقي ۽ انساني حقن جي تحفظ جو بنياد به آهي. هن چيو ته جتي سچ پابندين کان محفوظ هوندو آهي، اهو معاشرو اڀرندو آهي ۽ جتي ان کي دٻايو ويندو آهي، اتي اميدون ئي ختم ٿي وينديون آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صحافي، ميڊيا ادارا ۽ رياستي ادارا ڄاڻ جي ساک جي تحفظ لاءِ گڏيل ڪردار ادا ڪن، گمراهه ڪندڙ ڄاڻ جي وڌندڙ خطرن جو مقابلو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڊجيٽل دور ۾ فيڪ نيوز عوامي اعتماد کي مجروح ۽ جمهوري ڳالهين کي ختم ڪري ڇڏي ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صحافت جي آزادي کي سچ، صحيح ۽ پيشيواراڻي خلاقيات سان ڳنڍيل رهڻ گهرجي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت ڊگهي عرصي کان تعصب تي ٻڌل ناڪاري پروپيگنڊا ۽ ميڊيا ٽرائلز کي منهن ڏيندي رهي آهي، پي پي پي قيادت خلاف ميڊيا ٽرائلز جو مقصد عوام سان ان جي مضبوط تعلق کي ڪمزور ڪرڻ هو، پي پي پي قيادت خلاف ميڊيا ٽرائلز ۽ ناڪاري پروپيگنڊه جهڙا سمورا حربا هميشه ناڪام رهيا. هن چيو ته ميڊيا ٽرائيلز ۽ ناڪاري پروپيگنڊه باوجود پيپلز پارٽي صحافت ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي پختي حامي رهي آهي، فيڪ نيوز جو مقابلو دٻاءَ سان نه پر شفافيت، ذميوار صحافت ۽ سچ جي مضبوط روايتن سان ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته اچو اڄ اسان انهن ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيون ٿا جيڪي سچ لاءِ پنهنجي آواز کي خطري ۾ وجهندا آهن. اچو اڄ ان عزم جي تجديد ڪيون ته اسان اهڙو معاشرو تعمير ڪنداسين، جتي حقيقن کان نه ڊڄجي، جتي صحافت جي آزادي هڪ وڌيڪ منصفاڻو، باخبر ۽ پرامن مستقبل جي راهه روشن ڪري.









