ميڊيا جمهوريت، شفافيت ۽ عوامي اعتماد کي هٿي وٺرائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿو: وفاقي وزير خالد حسين مگسي

اسلام آباد - 03 مئي (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته ميڊيا جمهوريت، شفافيت ۽ عوامي اعتماد کي هٿي وٺرائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿو، ڊجيٽل دور ۾ حقيقتن تي ٻڌل ۽ ذميوار صحافت جي اهميت پهريان کان ڪيترائي ڀيرا وڌي چڪي آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري …

اسلام آباد – 03 مئي (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته ميڊيا جمهوريت، شفافيت ۽ عوامي اعتماد کي هٿي وٺرائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿو، ڊجيٽل دور ۾ حقيقتن تي ٻڌل ۽ ذميوار صحافت جي اهميت پهريان کان ڪيترائي ڀيرا وڌي چڪي آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته صحافين کي محفوظ، آزاد ۽ پيشيوراڻي ماحول جي فراهمي رياست جي اهم ذميواري آهي. پاڪستان جو آئين اظهار راءِ جي آزادي ۽ صحافت جي اصولن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ڪُوڙين خبرن ۽ ناڪاري پروپئگنڊا جي خاتمي لاءِ جاچ ۽ ذميوار صحافت اڻٽر آهي، ميڊيا قومي هم آهنگي، هاڪاري سوچ ۽ عوامي شعور جي جوڙجڪ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته صحافي برادري جون خدمتون تعريف جوڳيون آهن جيڪي هر حالت ۾ عوام تائين ڄاڻ پهچائين ٿيون، آزاد صحافت مضبوط جمهوري معاشري ۽ با شعور عوام جي علامت آهي.