اسلام آباد -03 مئي (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي، ته صحافت جي آزادي واري عالمي ڏهاڙي تي اظهار جي آزادي، ڄاڻ تائين پهچ ۽ جمهوري قدرن کي هٿي وٺائڻ جي عزم جي تجديد جو مظهر آهي، هڪ آزاد، ذميوار ۽بااختيار ميڊيا ڪنهن به جمهوري معاشري جو بنيادي ٿنڀ آهي، جيڪو شفافيت، احتساب ۽ عوامي آگاهي ۾ اهم ڪردار ادا …
آزاد، ذميوار ۽ بااختيار ميڊيا شفافيت، احتساب ۽ عوامي آگاهي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي: انجنيئر امير مقام

مزید خبریں
اسلام آباد -03 مئي (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي، ته صحافت جي آزادي واري عالمي ڏهاڙي تي اظهار جي آزادي، ڄاڻ تائين پهچ ۽ جمهوري قدرن کي هٿي وٺائڻ جي عزم جي تجديد جو مظهر آهي، هڪ آزاد، ذميوار ۽بااختيار ميڊيا ڪنهن به جمهوري معاشري جو بنيادي ٿنڀ آهي، جيڪو شفافيت، احتساب ۽ عوامي آگاهي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. صحافت جي آزادي واري عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 1993ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي منظوري سان شروع ٿيل هي ڏينهن صحافين جي خدمتن ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي. هن چيو ته هڪ آزاد، ذميوار ۽ بااختيار ميڊيا ڪنهن به جمهوري معاشري جو بنيادي ٿنڀ آهي، جيڪو شفافيت، احتساب ۽ عوامي آگاهي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. وفاقي وزير صحافتي برادري، خاص ڪري ڪي پي ڪي جي صحافين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هو ڏکين حالتن باوجود پيشيواراڻي ديانتداري سان عوامي مسئلن کي اجاگر ڪري رهيا آهن. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت صحافت جي آزادي ۽ صحافين جي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي.









