اسلام آباد-03 مئي(اي پي پي) معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي آزاد ڄمون ڪشمير جي عوام ڀرپور جوش ۽ ولولي جو اظهار ڪيو آهي. آزاد ڪشمير ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شهرين جو چوڻ آهي ته پوري قوم ۽ هٿياربند فوج وچ ۾ مثالي يڪجهتي جو مظاهرو فخر جوڳو آهي. معرڪه حق جي موقعي تي شهرين جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستاني …
معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل، قوم ۽ فوج جو لازوال استحڪام مستحڪم

مزید خبریں
اسلام آباد-03 مئي(اي پي پي) معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي آزاد ڄمون ڪشمير جي عوام ڀرپور جوش ۽ ولولي جو اظهار ڪيو آهي. آزاد ڪشمير ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شهرين جو چوڻ آهي ته پوري قوم ۽ هٿياربند فوج وچ ۾ مثالي يڪجهتي جو مظاهرو فخر جوڳو آهي. معرڪه حق جي موقعي تي شهرين جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستاني فوج ۽ شهرين وچ ۾ بي مثال رشتو اصل ۾ اجتماعي شعور، اتحاد ۽ قومي غيرت جي عڪاسي آهي. آزاد ڪشمير جي شهرين جو ڀرپور جذبو، ولولو ۽ عزم ان ڳالهه جو واضع دليل آهي ته اتان جو عوام پنهنجي فوج سان شيهي جي ديوار وانگر گڏ آهي. اهو ولولو، جذبو ۽ يڪجهتي جو پيغام نه صرف ملڪ اندر پر ٻاهر عالمي سطح تي پڻ هڪ مضبوط ۽ باوقار قوم جي سڃاڻپ کي اجاگر ڪري ٿو.









