معرڪه حق جي عظيم ڪاميابي ۾ قوم جي سپوتن جو ڪردار هڪ ڀيرو ٻيهر اجاڳر ڪيو ويو

اسلام آباد-03 مئي(اي پي پي) معرڪه حق جي عظيم ڪاميابي ۾ قوم جي سپوتن جي ڪردار کي هڪ ڀيرو ٻيهر اجاگر ڪيو ويو آهي، هٿياربند فوج پنهنجي ذميواري انتهائي پيشوراڻي مهارت ۽ عزم سان ادا ڪئي. يونٽ ڪمانڊر ليفٽيننٽ ڪرنل مرزا جهان تاب خالد ان حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته اسان دشمن کي واضح پيغام ڏنو آهي ته اسان جي وقت سر جواب جو انتظار ڪيو. هن چيو ته معرڪه …

اسلام آباد-03 مئي(اي پي پي) معرڪه حق جي عظيم ڪاميابي ۾ قوم جي سپوتن جي ڪردار کي هڪ ڀيرو ٻيهر اجاگر ڪيو ويو آهي، هٿياربند فوج پنهنجي ذميواري انتهائي پيشوراڻي مهارت ۽ عزم سان ادا ڪئي. يونٽ ڪمانڊر ليفٽيننٽ ڪرنل مرزا جهان تاب خالد ان حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته اسان دشمن کي واضح پيغام ڏنو آهي ته اسان جي وقت سر جواب جو انتظار ڪيو. هن چيو ته معرڪه حق دوران فتح ون ميزائل سسٽم جي تياري، مقرري ۽ وقت تي استعمال جي سمورن مرحلن جي نگراني ڪئي، جنهن ۾ اعلي سطح جي منصوبابندي، درست هدف بندي ۽ آپريشنل هم آهنگي شامل هئي. هن چيو ته معرڪه حق جي ڪاميابي جي هڪ سال کان پوءِ پاڪ فوج جي پيشوراڻي برتري ۽ آپريشنل تياري برقرار آهي، جيڪا جديد ٽيڪنالوجي ۽ اثرائتي حڪمت عملي جي عڪاسي آهي. فتح ون ميزائل جي درست ۽ وقت سر استعمال سان دشمن جي اهم هدفن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو ويو، جيڪو پاڪستان جي دفاعي صلاحيتن ۽ پيشواراڻي مهارت جو واضح ثبوت آهي. هن وڌيڪ چيو ته اها ڪاميابي ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته پاڪستان نه صرف دفاعي طور تي مستحڪم آهي پر جنگي گهُرجن موجب پنهنجي صلاحيتن کي اثرائتي طريقي سان استعمال ڪرڻ جي اهليت به رکي ٿو.