اسلام آباد-03 مئي(اي پي پي) پاڪستان جي ابدالي ميزائل سسٽم جي ڪامياب تجربي کانپوءِ دشمن وائڙائپ جو شڪار ٿي ويو آهي. پاڪستان ڀارتي ڌمڪين جي جواب ۾ ابدالي ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري دشمن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، اهو ميزائل سسٽم زمين کان زمين تائين مار ڪرڻ ۽ 450 ڪلوميٽر جي هدف کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ڪامياب تجربو ڪري پاڪستان دشمن جي جارحاڻي عزم کي مٽيءَ …
پاڪستان پاران ابدالي ميزائل سسٽم جو ڪامياب تجربو، دشمن وائڙائپ جو شڪار

مزید خبریں
اسلام آباد-03 مئي(اي پي پي) پاڪستان جي ابدالي ميزائل سسٽم جي ڪامياب تجربي کانپوءِ دشمن وائڙائپ جو شڪار ٿي ويو آهي. پاڪستان ڀارتي ڌمڪين جي جواب ۾ ابدالي ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري دشمن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، اهو ميزائل سسٽم زمين کان زمين تائين مار ڪرڻ ۽ 450 ڪلوميٽر جي هدف کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ڪامياب تجربو ڪري پاڪستان دشمن جي جارحاڻي عزم کي مٽيءَ ۾ ملائڻ جو واضح پيغام ڏنو آهي. پاڪستان ابدالي ميزائل سسٽم جي ڪامياب تجربي سان پنهنجي دفاعي سرسي ۽ فني مهارت جو عملي طور تي ثبوت ڏنو آهي. عالمي دفاعي ماهرن موجب پاڪستان ثابت ڪيو آهي ته پاڪ فوج جي عملي تياري ۽ فني مهارت ملڪي سلامتي جي تحفظ ۽ اثرائتي دفاعي صلاحيت رکندڙ آهي.









