ڪراچي – 03 مئي (اي پي پي) دفاعي تجزيه ڪار ۽ سنڌ جي اڳوڻي نگران گهرو وزير بريگيڊيئر (ر) حارث نواز چيو آهي ته معرڪه حق ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج ڀارت جا 8 جنگي جهاز ۽ 83 ڊرونز ڪيرائي وڏي شڪست ڏني ۽ معرڪه حق ۾ شڪست کان پوءِ ڀارت دنيا ۾ اڪيلو ٿي ويو آهي. معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ”اي پي پي“ کي ڏنل خاص انٽرويو ۾ بريگيڊيئر (ر) حارث نواز چيو ته ان معرڪي ثابت …
معرڪه حق ۾ شڪست کان پوءِ ڀارت دنيا ۾ اڪيلو ٿي ويو آهي: بريگيڊيئر (ر) حارث نواز

مزید خبریں
ڪراچي – 03 مئي (اي پي پي) دفاعي تجزيه ڪار ۽ سنڌ جي اڳوڻي نگران گهرو وزير بريگيڊيئر (ر) حارث نواز چيو آهي ته معرڪه حق ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج ڀارت جا 8 جنگي جهاز ۽ 83 ڊرونز ڪيرائي وڏي شڪست ڏني ۽ معرڪه حق ۾ شڪست کان پوءِ ڀارت دنيا ۾ اڪيلو ٿي ويو آهي. معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ”اي پي پي“ کي ڏنل خاص انٽرويو ۾ بريگيڊيئر (ر) حارث نواز چيو ته ان معرڪي ثابت ڪري ڇڏيو ته ڀارت دهشتگردي جي سرپرستي ڪندڙ ملڪ آهي، جيڪو هميشه والاريل ڪشمير جي ڪنهن نه ڪنهن علائقي ۾ پنهنجن فوجين کي مارائي پاڪستان تي الزام لڳائيندو آهي، جڏهن ته وٽس ڪو به ثبوت ناهي هوندو. 22 اپريل 2025ع تي پهلگام ۾ به اهڙو ئي ڊرامو رچايو ويو ۽ رڳو 10 منٽن اندر ايف آءِ آر به داخل ڪئي وئي. برگيڊيئر (ر) حارث نواز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ هٿياربند فوج کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪ فوج ڀارت جي “گودي ميڊيا” جي پروپيگنڊا کي ڪوڙو ثابت ڪندي پنهنجي دفاع ۾ نه رڳو دشمن جا جنگي جهاز ڪيرايا، پر جتان به ميزائل ۽ ڊرون فائر ڪيا ويا، انهن جا ايئر بيس به تباهه ڪري ڇڏيا. هن چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ٽن ڏينهن اندر سڄي قوم کي متحد ڪيو ۽ انتهائي بهتر حڪمت عملي سان وڙهي ڀارت کي ذلت آميز شڪست ڏني، جنهن سبب هو عالمي سطح تي اڪيلو ٿي ويو. بريگيڊيئر حارث نواز چيو ته ان جنگ ۾ ڪاميابي کان پوءِ آمريڪي صدر، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي وائٽ هائوس ۾ سڏي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ڀارت جا جنگي جهاز ڪيرائڻ جو ذڪر به ڪيو، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته معرڪه حق ۾ ڀارت کي وڏي شڪست ٿي آهي. هن چيو ته معرڪه حق کان پوءِ دنيا تي واضح ٿي ويو ته پاڪستان هڪ ذميوار ايٽمي طاقت ۽ سنجيده ملڪ آهي ۽ اسان جي فوج هڪ مضبوط ۽ طاقتور فوج آهي. هن وڌيڪ چيو ته ان معرڪي کان پوءِ ڀارت جا ٻين ملڪن سان لاڳاپا خراب ٿيا آهن. اڄ نه ايران سان ان جا لاڳاپا بهتر آهن، نه بنگلاديش سان لاڳاپا صحيع آهن، جڏهن ته آمريڪا ۽ روس سان به ان جا لاڳاپا خراب ٿي رهيا آهن، ان جي ابتڙ پاڪستان جا آمريڪا، ايران، سعودي عرب سميت ٻين ملڪن سان لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن. معرڪه حق کان پوءِ سعودي عرب سان دفاعي معاهدو پڻ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻيا ملڪ به اهڙا معاهدا ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته پاڪستان جا جي ايف 17 ٿنڊر جنگي جهاز ۽ ٽينڪس جي وڏي ساراهه حاصل ڪري چڪا آهن. پاڪستان اليڪٽرانڪ ۽ سائبر وارفيئر ۾ به ڀارت کي شڪست ڏني. هڪ سوال جي جواب ۾ برگيڊيئر حارث نواز چيو ته ڀارت علائقي ۾ دهشتگردي جي سرپرستي ڪري ٿو ۽ پاڪستان اندر ٿيندڙ ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين ۾ ڀارت ملوث رهيو آهي. ڪلبهوشن يادو ان جو ثبوت آهي، جيڪو پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪندي گرفتار ٿيو ۽ هن اعتراف ڪيو ته هو ڀارتي نيوي جو حاضر سروس ڪمانڊر آهي ۽ دهشتگردي لاءِ پاڪستان آيو هو. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جو شڪار آهي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 80 هزار فوجين ۽ شهرين قربانيون ڏنيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي فوج جي ڪمانڊر پڻ معرڪه حق ۾ شڪست جو اعتراف ڪيو آهي ۽ وڌيڪ رافيل جهاز خريد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، پر رڳو جهاز خريد ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، ڇو جو پاڪستان جي فوج ايمان جي جذبي سان وڙهي ٿي ۽ اسان جا پائلٽ دنيا ۾ مڃيل آهن. برگيڊيئر (ر) حارث نواز چيو ته معرڪه حق ۽ آپريشن بنيان مرصوص ۾ فيلڊ مارشل کي جيترو به ڪريڊٽ ڏنو وڃي اهو گهٽ آهي، ڇاڪاڻ ته هو بهادر ۽ همٿائيندڙ ڪمانڊر آهي، جن کان فوج متاثر ٿئي ٿي. موجوده آمريڪا-ايران جنگ ۾ پاڪستان جي ٽياڪڙي جي ڪردار تي تبصرو ڪندي هن چيو ته پاڪستان 47 سالن کان هڪ ٻئي سان جنگ ڪندڙ ٻنهي ملڪن کي ڳالهين جي ميز تي آندو آهي ۽ ٽياڪڙي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. آمريڪا ۽ ايران ٻئي پاڪستان تي اعتماد ڪن ٿا ۽ ٻنهي ملڪن جا حڪمران پاڪستان جي قيادت ۽ فيلڊ مارشل جي تعريف ڪري رهيا آهن، جيڪو معرڪه حق کان پوءِ ممڪن ٿيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ماضي ۾ جڏهن به ڪنهن عالمي اڳواڻ جو پاڪستان جو دورو ٿيندو هو ته ڀارت دهشتگردي جو ڪوڙو ڊرامو رچائي الزام پاڪستان تي لڳائيندو هو. هن اڙي، پهلگام ۽ بالاڪوٽ واقعن جو ذڪر ڪندي چيو ته انهن واقعن ۾ پنهنجن ئي 42 فوجين کي ماري الزام پاڪستان تي لڳايو ويو. هن چيو ته پاڪستان جي ميزباني ۾ آمريڪا-ايران ڳالهين جو پهريون دور ٿي رهيو هو ته اسانکي اطلاع مليو هو ته ڀارت ٻيهر فالس فليگ آپريشن ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اسان ان منصوبه بندي کي بي نقاب ڪري ڇڏيو جنهن بعد هو نه ڪري سگهيا. برگيڊيئر حارث چيو ته جيڪڏهن ڀارت مستقبل ۾ ڪنهن به جارحيت جهڙوڪ آپريشن سندور جي ڪوشش ڪندو ته پاڪستان واضح طور تي سخت جواب ڏيندو ۽ وڏو معاشي نقصان پهچائيندو. هن چيو ته پاڪستان جي ميزائل ٽيڪنالاجي انتهائي جديد آهي ۽ ڀارت کي ان جو چڱي طرح علم آهي. هن چيو ته پاڪستان اڪيلو افغانستان ۾ سرگرم 24 دهشتگرد تنظيمن خلاف وڙهي رهيو آهي ۽ هاڻي دنيا تي واضح ٿي چڪو آهي ته ڀارت دهشتگرد ملڪ آهي. هن ڪينيڊا، آمريڪا، برطانيا ۽ آسٽريليا ۾ ٿيندڙ واقعن جو حوالو ڏيندي چيو ته ڀارت انهن ۾ ملوث رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان جو عالمي سطح تي نرم ۽ مثبت تاثر قائم ٿيو آهي. برگيڊيئر حارث موجب پاڪستان هڪ محفوظ ملڪ آهي، جتي عالمي اڳواڻ ۽ وفد اچن ٿا، ۽ ملڪ سيڙپڪاري لاءِ به سازگار بڻجي چڪو آهي.











