جنگي علائقن ۾ صحافين کي نشانو بڻائڻ معمول آهي، ميڊيا تي حملن سان امن، سلامتي ۽ پائيدار ترقي جا بنياد ڪمزور ٿين ٿا: گڏيل قومون

گڏيل قومون -03 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته ويجهن سالن ۾ جنگي علائقن ۾ صحافين جي فوتگين ۾ نمايان اضافو ٿيو ۽ ڪيترن ئي موقعن تي انهن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو ويو. ميڊيا تي حملا معمول بڻجي وڃن ته آزادي زوال پذير ۽ امن سلامتي ۽ پائيدار ترقي جا بنياد به ڪمزور ٿي وڃن ٿا. اها ڳالهه گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريش ۽ …

گڏيل قومون -03 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته ويجهن سالن ۾ جنگي علائقن ۾ صحافين جي فوتگين ۾ نمايان اضافو ٿيو ۽ ڪيترن ئي موقعن تي انهن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو ويو. ميڊيا تي حملا معمول بڻجي وڃن ته آزادي زوال پذير ۽ امن سلامتي ۽ پائيدار ترقي جا بنياد به ڪمزور ٿي وڃن ٿا. اها ڳالهه گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريش ۽ اسناني حقن بابت عالمي اداري جي هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ 3 مئي کي صحافت جي آزادي واري عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي. گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريش چيو ته ويجهن سالن ۾ جنگي علائقن ۾ صحافين جي فوتگين ۾ نمايان اضافو ٿيو ۽ ڪيترن ئي موقعن تي انهن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته جيتوڻيڪ اهو چيو وڃي ٿو ته جنگ ۾ سڀ کان پهرين سچائي قربان ٿيندي آهي پر حقيقت ۾ اڪثر اهي صحافي سڀ کان اول نشانو بڻجن ٿا جيڪي سچ سامهون آڻڻ جي ڪوششن ڪن ٿا. هن جو چوڻ هو ته صحافت جي آزادي کي معاشي دٻاءَ، نئين ٽيڪنالاجيز ۽ ڄاڻي واڻي معلوماتي هيرا ڦيري سبب ”غيرمعمولي دٻاءُ“ آهي. گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ صحافين خلاف وڌندڙ حملن تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان جي فوري خاتمي جو مطالبو ڪندي چيو ته جڏهن ميڊيا تي حملا معمول بڻجي وڃن ته آزادي زوال پذير ۽ امن، سلامتي ۽ پائيدار ترقي جا بنياد به ڪمزور ٿي وڃن ٿا. هن سڄي دنيا جي بهادر صحافين ۽ فوٽو گرافرن کي خراج تحسين پيش ڪيو جيڪي سنگين ظلمن کي دستاويزي صورت، بدعنواني کي بي نقاب ۽ ڪاروباري سرگرمين جو احستاب ڪندا آهن، هن چيو ته اڄ صحافت غير محفوظ ۽ ڪڏهن ته خطرناڪ پيشو بڻجي چڪي آهي، جيئن ميڊيا ڪارڪنن جي گاڏين کي بم حملن جو نشانو، آفيسن مان اغوا، جيلن ۾ قيد ۽ نوڪرين مان ڪڍيو وڃي ٿو. هن ٻڌايو ته هلندڙ سال جنوري کان هن وقت تائين گهٽ ۾ گهٽ 14 صحافي فوت ٿي چڪا آهن ۽ ٻن ڏهاڪن ۾ انهن جي قتل جي رڳو 10 سيڪڙو واقعن ۾ احتساب ٿيو اهي، هٿياربند تڪرارن جي رپورٽنگ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿي رهي آهي. هن جو چوڻ هو ته اسرائيل جي غزه ۾ جنگ ميڊيا لاءِ موت جو ڄاڻ بڻجي چڪي اهي جتي آڪٽوبر 2023ع کان هن وقت تائين اٽڪل 300 صحافين جي مارجڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي جڏهن ته ڪيترائي زخمي به آهن. هن نشاندهي ڪئي ته اڪثر جنگي علائقن ۾ مقامي صحافي ئي رپورٽنگ ڪندا آهن جيڪي شديد تشدد، بربريت ۽ ايتري تائين جو ڏڪار جهڙين حالتن کي منهن ڏيندي پنهنجون زميواريون انجام ڏيندا رهندا آهن. هن ان ڳالهه تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي ته هتڪ عزت، غلط ڄاڻ، سائبر ڪرائيم ۽ دهشتگردي سان لاڳاپيل قانون کي طاقتور حلقن جي تحفظ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي جڏهن ته مهانگن قانوني ڪيسن ذريعي صحافين کي هراسان ڪيو پيو وڃي. هن جو چوڻ هو ته عالمي سطح تي هن وقت اٽڪل 330 ميڊيا ڪارڪن قيد ۾ آهن جڏهن ته 500 جي ڳ ڀڳ شهري صحافي ۽ انساني حقن جا بلاگرز به حراست ۾ آهن. هن آن لائين هراساني ۽ بُلنگ تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي جنهن جو وڌيڪ نشانو عورت صحافي بڻجنديون آهن جن ۾ اٽڪل ٽي ڀاڱي چار کي بدنامي مهمن ۽ جنسي تشدد جي ڌمڪين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. هن خبردار ڪيو ته اهڙا حملا اهڙي غلط ڄاڻ واري معاشي کي جنم ڏئي سگهن ٿا جتي ميڊيا کي محفوظ رهڻ لاءِ حقيقتون لڪائڻيون ۽ سائنسي حقيقتن کان انڪار ڪرڻو پوي. هن چيو ته ميڊيا کي خاموش ڪرائڻ جا طريقا ڳڻتي جي ح تائين تخليقي ٿي چڪا آهن جن ۾ پهچ محدود ڪرڻ، انٽرنيٽ بند ڪرڻ ۽ خبرن تي پابندي شامل آهي جڏهن ته ڪجهه موقعن تي سياسي، ڪارپوريٽ ۽ ميڊيا طاقت جي ڳٺ جوڙ جمهوريت کي نقصان پهچائي رهيا آهن. هاءِ ڪمشنر چيو ته صحافي اڪيلي اها جنگ نه ٿا وڙهي سگهن البته ملڪن کي گهرجي ته ميڊيا تي ظلم ۽ ستم بند، غير ضروري پابنديون ختم، غلط قانون کي رد ۽ قانوني نظام کي عالمي انساني حقن جي معيار سان هم آهنگ ڪن. هن حڪومت تي زور ڀريو ته هو ميڊيا ڪارڪنن کي تحفظ فراهم ڪن، نگراني کان بچائين، ڀڃڪڙين جي جاچ ڪن ۽ ذميوارن جو احتساب يقيني بڻائين. هن ٽيڪنالاجي ڪمپنين کان به مطالبو ڪيو ته هوآن لائين هراساني ۽ غلط ڄاڻ خلاف اثرائتا قدم کڻن.

مزید خبریں