ڪارگل – 03 مئي (اي پي پي) غير قانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ڪي ضلعي ڪارگل جي اڳواڻن لداخ جي تازي نئين سر تنظيم تي شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ان کي مت ڀيد ۽ خطي کي مذهبي بنيادن تي ورهائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق 27 اپريل تي ليفٽنينٽ گورنر ونائي ڪمار سڪسينه پنجن نون ضلعن نوبرا، شام، چانگٿانگ، زنسڪا ۽ دراس …
لداخ جي نئين سر تنظيم کي مذهبي بنيادن تي ورهائڻ جي ڪوشش، فرقيوراڻن بنيادن تي ورڇ جي مزاحمت ڪئي ويندي: سياسي قيادت

مزید خبریں
ڪارگل – 03 مئي (اي پي پي) غير قانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ڪي ضلعي ڪارگل جي اڳواڻن لداخ جي تازي نئين سر تنظيم تي شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ان کي مت ڀيد ۽ خطي کي مذهبي بنيادن تي ورهائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق 27 اپريل تي ليفٽنينٽ گورنر ونائي ڪمار سڪسينه پنجن نون ضلعن نوبرا، شام، چانگٿانگ، زنسڪا ۽ دراس جي منظوري ڏني جنهن سان لداخ ۾ ضلعن جو انگ ٻن کان وڌي 7 ٿي ويو. ڪارگل جي اڳواڻن چيو ته ستن مان رڳو ڪارگل ۽ دراس مسلمان اڪثريتي ضلعا آهن جڏهن ته پنجن ۾ ٻڌ مذهب جي پوئلڳن جي اڪثريت آهي. هن چيو ته نئين سر تنظيم ۾ لداخ جي 2011ع جي مردم شماري کي نظر انداز ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 46.40 سيڪڙو مسلمان ۽ 39.65 سيڪڙو ٻڌ مت جا پولڳ ڏيکاريا ويا آهن. هن ان قدم کي غير متوازن قرار ڏنو آهي. پارليامينٽ جي ميمبر محمد حنيفه جان چيو ته سانڪوسورو ۽ شڪر چڪتان کي ضلعي جو درجو ڏيڻ جي پراڻن مطالبن کي نظر انداز ڪرڻ بعد ڪميونٽي پاڻ کي ڌار محسوس ڪري رهي آهي. سي اي سي ڊاڪٽر جعفر آخون فيصلي کي غير متوازن ۽ مت ڀيد قرار ڏنو. ڪي ڊي اي جي اڳواڻ سجاد ڪارگلي چيو ته اهي قدم سڌارن بدران ڇهين شيڊول ۾ شموليت ۽ رياستي درجي لاءِ لداخ جي متحد آواز کي ٽوڙن جي هڪ سوچيل سمجهيل ڪوشش لڳي ٿي. هن چيو ته ان قسم جي قدمن سان ورهانڱو وڌيڪ گهرو ٿيڻ جو خطرو آهي. هن چيو ته لداخ جي طاقت اتحاد ۾ آهي ۽ ان کي فرقيوراڻي طور ورهائڻ جي ڪنهن به ڪوشش جي مذمت ڪئي ويندي.











