عالمي مارڪيٽن ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي وڪري ۾ وڏي گهٽتائي

واشنگٽن – 03 مئي (اي پي پي) عالمي مارڪيٽن ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي وڪري ۾ وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ان ڳالهه جو انڪاشاف اقتصادي مشاورتي ڪمپني پرائس واٽر هائوس ڪوپر پنهنجي هڪ تازي رپورٽ ۾ ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ايران آمريڪا جنگ سبب پيدا ٿيل توانائي جي بحران ۽ عالمي سطح تي قيمتن ۾ اضافي باوجود هلندڙ سال جي پهرين …

واشنگٽن – 03 مئي (اي پي پي) عالمي مارڪيٽن ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي وڪري ۾ وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ان ڳالهه جو انڪاشاف اقتصادي مشاورتي ڪمپني پرائس واٽر هائوس ڪوپر پنهنجي هڪ تازي رپورٽ ۾ ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ايران آمريڪا جنگ سبب پيدا ٿيل توانائي جي بحران ۽ عالمي سطح تي قيمتن ۾ اضافي باوجود هلندڙ سال جي پهرين ٽه ماهي دوران سڄي دنيا ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي وڪري ۾ گهٽتائي ٿي آهي. اقتصادي مشاورتي ڪمپني پرائس واٽر هائوس ڪوپر جي تجزيي مطابق 43 وڏي عالمي مارڪيٽن ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جو انگ اٽڪل 2.7 ملين رهيو جيڪو 2025ج جي ساڳي عرصي جي ڀيٽ ۾ هڪ سيڪڙو گهٽتائي کي ظاهر ڪري ٿو. ڪمپني جو چوڻ آهي ته اها گهٽتائي غير معمولي آهي ڇو جو اليڪٽرڪ گاڏين جي جي وڪري جي انگن اکرن ۾ مسلسل نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويندو رهيو آهي ۽ 2025ع جي سڄي سال دوران انهن جي وڪري ۾ اٽڪل هڪ ڀاڱي ٽي اضافو ٿيو هو.

مزید خبریں