حرمين شريفين ۾ ڊيجيٽل خدمتن مان 50 لک کان وڌيڪ زائرين فائدو حاصل ڪيو

مڪو شريف – 03 مئي (اي پي پي) مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي جي ديني معاملن جي جنرل پريزيڊينسي سال 1447ع هجري جي شروعات کان هن وقت تائين ڊيجيٽل خدمتن ۾ رڪارڊ اضافو ڪيو آهي جنهن مان 50 لک کان وڌيڪ زائرين فائدو حاصل ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا پريزيڊينسي جي جنرل انفارميشن ٽيڪنالاجي انتظاميا پاران رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي جيڪا ڊيجيٽل تبديلي کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻنهي مقدس مسجدن …

مڪو شريف – 03 مئي (اي پي پي) مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي جي ديني معاملن جي جنرل پريزيڊينسي سال 1447ع هجري جي شروعات کان هن وقت تائين ڊيجيٽل خدمتن ۾ رڪارڊ اضافو ڪيو آهي جنهن مان 50 لک کان وڌيڪ زائرين فائدو حاصل ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا پريزيڊينسي جي جنرل انفارميشن ٽيڪنالاجي انتظاميا پاران رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي جيڪا ڊيجيٽل تبديلي کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻنهي مقدس مسجدن جي زائرين جي تجربي کي بهتر بڻائڻ جي جاري ڪوششن جو حصو آهي. جنرل پريزيڊينسي ٻڌايو ته قاصد گيٽ ذريعي 3 لک 50 هزار جڏهن ته ويب سائٽس تي 2.6 ملين زائرين جو انگ رڪارڊ ڪيو ويو. حرمين شريفين نشر ٿيل خطبن جي سڌي ريت نشريات کي 3 لک 36 هزار کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو جڏهن ته مختلف ٻولين ۾ خطبن جي ترجمن جو مجموعي وقت 330 ڪلاڪ رهيو. انگن اکرن مطابق ”حرمين جو پيغام“ پليٽ فارم تي 15 لک کان وڌيڪ زائرين رڪارڊ ڪيا ويا. مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ۾ لڳل انٽرايڪٽو اسڪرينز مان 51 هزار کان وڌيڪ زائرين فائدو حاصل ڪيو، ان ۾ ڪل 5248 آپريٽنگ ڪلاڪ شامل آهن. مختلف پليٽ فارمز مان ڊائون لوڊ ڪيل مواد جو انگ 3 لک 64 هزار تائين پهچي ويو. حرمين تلاوت مرڪز مان 44100 ماڻهن فائدو حاصل ڪيو جڏهن ته ڊيجيٽل سروسز جا مجموعي آپريٽنگ ڪلاڪ 5578 کان وڌي ويا. جنرل پريزيڊينسي جو چوڻ آهي ته اهي انگن اکر ڊيجيٽل نظام جي ڪاميابي کي ظاهر ڪن ٿا، اهي ڪوششون ٻنهي مقدس مسجدن ۾ روحاني تجربي کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪن ٿيون جيڪي سعودي ويزن 2030ع جي هدفن مطابق آهي.

مزید خبریں